اي سي اي 3 لک ٽن ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 20, 2020

demo-image

اي سي اي 3 لک ٽن ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ecc
ecc

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ جي صدارت ۾ اي سي سي  اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اَٽي جي بحران سميت 6 نقاطي ايجنڊا جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ 3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گهرائڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته اي سي سي طرفان ٻاهران ڪڻڪ گهرائڻ تي ريگيوليٽري ڊيوٽي به ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ خريداري جي اجازت 31 مارچ تائين ڏني وئي آهي، ٻاهران گهرايل ڪڻڪ جي پهرين کيپ 15 فيبروري تائين پاڪستان پهچندي.

اجلاس ۾ ڪپهه جي ٻِج تي 5 سيڪڙو ٽيڪس ۾ گهٽتائي بابت به غور ڪيو ويو.

The post اي سي اي 3 لک ٽن ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages