وفاقي ڪابينا اجلاس: وزيرن جي اعتراض باوجود ڪڻڪ جي قيمت 1650 رپيا في مڻ مقرر - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, November 10, 2020

demo-image

وفاقي ڪابينا اجلاس: وزيرن جي اعتراض باوجود ڪڻڪ جي قيمت 1650 رپيا في مڻ مقرر

federal
federal

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ واڌ جو مطالبو رد ڪندي 1650 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ انتهاپسندي ۽ تشدد خلاف قومي موقف تي عمل بابت قومي ڪميشن ٺاهڻ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن تي به بحث ٿيو ۽ ڪڻڪ جي امدادي قيمت 1650 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

چئن وزيرن ڪڻڪ جي قيمت 18 سئو رپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، نديم افضل چن چيو ڪڻڪ جي قيمت نه وڌائي وئي ته کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، آبادگارن کي نقصان ٿيو ته ڪڻڪ جي کوٽ وڌي ويندي.

ڪڻڪ جي امدادي قيمت تي 4 وزيرن جي اعتراض ۽ باقي سڄي ڪابينا مطمئن هجڻ تي غور ويچار کانپوءِ ڪڻڪ جي امدادي قيمت 1650 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ وڌيڪ مهانگائي برداشت نه ڪنداسين، ڪڻڪ ۽ اٽي جو ڪو بحران نه ٿيڻ گهرجي، مهانگائي گهٽائڻ لاءِ قدم وڌيڪ تيز ڪيا وڃن.

ڪابينا سعودي عرب طرفان ڊجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي شروعات جي تجويز، ٽي ڊيپ کي رجسٽريشن لاءِ ”رجسٽرانٽ“ باڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ، گهرو وزارت جي مختلف ڪيسن ۾ جاچ لاءِ اجازت گهرڻ جون سمريون به منظور ڪري ورتيون.

اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ سبسڊيز ۽ گرانٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته سينڊڪ ميٽلز لميٽيڊ بورڊ ۾ ڊائريڪٽرن جي نامزدگين ۽ فارميسي ڪائونسل جي نئين سر جوڙ جڪ لاءِ نامزدگين جي معاملن کي به پوئتي ڪيو ويو.

وفاقي ڪابينا 28 آڪٽوبر تي اي سي سي جي فيصلن ۽ توانائي ڪميٽي جي 29 آڪٽوبر جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي.

The post وفاقي ڪابينا اجلاس: وزيرن جي اعتراض باوجود ڪڻڪ جي قيمت 1650 رپيا في مڻ مقرر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages