

لاهور(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس ۾ سز ا ڀوڳيندڙ مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف کي چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو.
قومي احتساب بيورو نيب چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي ڪوٽ لکپت جيل مان گرفتار ڪري لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو هو.
احتساب عدالت جي منتظم جج چوڌري امير محمد خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ريمانڊ منظور ڪندي کيس ايندڙ ٻڌڻي تي 25 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ان حوالي سان نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته نواز شريف جي گرفتاري عدالت جي اجازت کان پوءِ عمل ۾ آندي وئي، ان سان گڏوگڏ ئي هن اڳوڻي وزير اعظم جي 15 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي اپيل ڪئي هئي.
چوڌري شگر ملز ۾ نواز شريف جي ڪردار جي حوالي سان دليل ڏيندي نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته 2016ع ۾ نواز شريف چوڌري شگر ملز جو سڀ کان وڏو شيئر هولڊر رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن جا شميم شگر مل ۾ به شيئر هئا.
هي به پڙهي سگهو ٿا:نواز شريف طرفان آزادي مارچ جي حمايت، شهباز شريف ڪاوڙجي پيو
هن جو چوڻ هو ته چوڌري شگر مل ۾ نواز شريف سان گڏ مريم نواز، شهباز شريف ۽ شريف خاندان جا ٻيا ميمبر به شيئر هولڊر هئا.
نيب جي وڪيل دعويٰ ڪئي ته چوڌري شگر ملز جي اڪائونٽ ۾ پرڏيهه مان رقم ايندي هئي ۽ 1992ع ۾ نواز شريف کي پرڏيهي ڪمپني هڪ ڪروڙ 55 لک رپيا ڏنا هئا پر اِها اڄ تائين خبر ناهي پئجي سگهي ته ان ڪمپني جو مالڪ ڪير هو.
نواز شريف جو وڪيل:
ٻڌڻي ۾ نواز شريف جي وڪيل امجد پرويز بٽ پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته نواز شريف ڪڏهن به چوڌري شگر ملز جو شيئر هولڊر يا ڊائريڪٽر ناهي رهيو.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ پهريون ڀيرو ناهي ٿي رهي ان کان اڳ به مخالف پارٽين پنهنجين حڪومتن ۾ ڪمپنين کي قائم ڪرڻ بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪرائي پر ڪجهه به نه مليو هو.
امجد پرويز بٽ جو چوڻ هو ته 1991ع ۾ نواز شريف ڪنهن به ڪمپني جو سپانسر يا مالڪ ناهي رهيو ۽ نه ئي سندس چوڌري شگر ملز جي قيام ۾ ڪو ڪردار هو پر شريف خاندان جا اولاد ڊائريڪٽر ۽ حصيوار هئا.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي بڻايل گڏيل جاچ ٽيم انهن سمورن معاملن جي تفصيلي جاچ پهرين ئي ڪري چڪي آهي جنهن کان پوءِ نيب ريفرنس داخل ڪيو هو ۽ هاڻ ٻيهر جاچ جو ڪو جواز ئي نٿو بڻجي.
نواز شريف جي وڪيل ريمانڊ جي مخالفت ڪندي چيو ته نيب جي ڪيس ۾ بدديانتي نظر اچي رهي آهي جنهن ۾ جسماني ريمانڊ جي ضرورت ناهي جڏهن ته گرفتاري به غلط ڪئي وئي ڇو ته اِهو سياسي بنيادن تي بنيادن تي بڻايل ڪيس آهي.
هن چيو ته جي آءِ ٽي ۽ نيب وٽ چوڌري شگر ملز جو سمورو ريڪارڊ پهرين کان ئي موجود آهي ۽ پاناما جي آءِ ٽي جاچ کان پوءِ ئي نواز شريف کي سزا ٿي هئي ان ڪري چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ گرفتار جو جواز ناهي.
ايڊووڪيٽ امجد پرويز ٻڌايو ته پاناما جي آءِ ٽي ۾ وفاقي جاچ اداري، سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشڻ، نيب ۽ ٻين ايجنسين جا ميمبر شامل هئا، جن کي نواز شريف جي سمورن اثاثن جي جاچ جو اختيار ڏنو ويو هو.
هي به پڙهي سگهو ٿا:جج ويڊيو ڪيس: نواز شريف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي جي آءِ ٽي ۾ انٽر سروسز انٽيليجنس ايجنسي ۽ ملٽري انٽيلي جنس جا ميمبر به موجود هئا ۽ ان جي آءِ ٽي کي پاڪستان جا سمورا قانون استعمال ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو هو.
امجد پرويز بٽ جو چوڻ هو ته هاڻ نيب جو چوڌري شگر ملز بابت پاڻمرادو انڪشاف ڪرڻ بنا جواز آهي جڏهن ته نيب لاڳاپيل ادارن کان پهرين ئي سمورو ريڪارڊ ڪيل آهي.
نواز شريف:
ٻڌڻي دوران نواز شريف به روسٽرم تي اچي بيان ڏنو، سندس چوڻ هو ته نيب وارا مون سان جيل ۾ ملاقات لاءِ آيا هئا پر هڪ ئي ڀيرو آيا ان کان پوءِ ڪڏهن به نه آيا.
نواز شريف جو چوڻ هو ته نيب جيڪو پڇيو مون ان جو جواب ڏنو جيڪا مون کي خبر نه هئي اُهو نه ٻڌايو.
هن چيو ته مون سان منهنجي وڪيل جي ملاقات ناهي ڪرائي وئي آئون لکي ٿو ڏيان ته منهنجي ملاقات منهنجي وڪيل سان ڪرائي وڃي.
مسلم ليگ ن جي سربراهه جو چوڻ هو ته مون تي جيڪي الزام لڳايا ويا آهن اُهي سڀ ڪوڙا آهن نيب پهرين ئي ظاهر ڪيل اثاثن جي جاچ ڪري رهيو آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نيب اهلڪارن گرفتاري لاءِ جيڪي به الزام هنيا آهن اُهي بي بنياد آهن، 32 انڊسٽرين جي حوالي سان اسان جو نالو هو، ٻڌايو ڪرپشن ڪٿي ٿي آهي .
نواز شريف جو چوڻ هو ته آئون وزير به رهيو آهيان وڏو وزير به رهيو آهيان ۽ 3 ڀيرا وزير اعظم به رهيو آهيان، انهن پنجن دورن ۾ هڪ ٿيلهي جي به ڪرپشن ثابت ڪيو ته ڪيس ته ڇا پر سياست تان ئي دستبردار ٿي ويندس.
ان کان پوءِ هن پنهنجي واپار جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته نيب جو ادارو پرويز مشرف منهنجي لاءِ قائم ڪيو هو.
هن چيو ته پرويز مشرف جو هڪ ئي ٽارگيٽ هو اُهو هو نواز شريف، نيب جو ادارو رڳو مسلم ليگ ن ۽ مخالف ڌر جي خلاف استعمال ٿي رهيو آهي.
هي به پڙهي سگهو ٿا:شهباز شريف جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آئون ته پهرين ئي جيل ۾ آهيان جيڪڏهن ايتري دشمني آهي ته ٻڌايو ته هي مون کي ڪيڏانهن ٿا وٺي وڃڻ چاهن.
هن چيو ته ڪنهن کي منشيات جي خاتمي واري ڪيس ۾ پڪڙيو پيو وڃي اِهو ڪهڙو طريقو آهي جيڪڏهن هي سمجهن ٿا ته مسلم ليگ ن ڊپ ۾ جهڪي ويندي ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو.
نواز شريف جي بيان تي عدالت جي ڪمري ۾ نعريبازي ٿي وئي جنهن تي احتساب عدالت جي جج کيس رڳو موجود ڪيس تي ڳالهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اکبر نے سنا ہے اہل غیرت سے یہی
جینا زلت سے ہو تو مرنا اچھا pic.twitter.com/7Z5UqUE8oo— PML(N) (@pmln_org) October 11, 2019
The post نواز شريف 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي…..! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment