

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اٽارني جنرل انور منصور خان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف صدارتي ريفرنس جي معاملي ۾ پنهنجو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.
عدالت عظميٰ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي مختلف الزام لڳايا ويا آهن.
اٽارني جنرل طرفان جواب ۾ چيو ويو ته برطانيا ۾ 3 ملڪيتن جو اصل مالڪ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آهي ۽ سندس ٻار ان جا بي نامي دار آهن.
جواب ۾ چيو ويو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ملڪيتون خريدڻ جا ذريعا ٻڌائڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي جڏهن ته هن طرفان لڳايل الزام رڳو ڪوڙ تي ٻڌل آهن.
سپرم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو ته قانون واري وزير جو بار ڪونسلز ۾ چيڪ ورهائڻ غلط ناهي ۽ اٽارني جنرل سپريم جوڊيشل ڪونسل طور سهڪار ڪرڻ آئيني ذميواري آهي.
هي به پڙهي سگهو ٿا:جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست تي ٻڌڻي ….!
اٽارني جنرل جواب ۾ لکيو ته احتساب ۽ شفافيت جمهوريت جو حصو آهي، احتساب کان ڪنهن کي ڇوٽ حاصل ناهي.
جواب ۾ چيو ويو ته صدر ۽ وزير اعظم کي پنهنجين ذميوارين تي آئين جي آرٽيڪل 248 جي تحت ڇوٽ حاصل آهي جڏهن ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڪونسل جي خلاف درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي.
ياد رهي ته ملڪ جي صدر طرفان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف داخل صدارتي ريفرنس جي سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ ٻڌڻي کي ڄاڻايل جج سپريم ڪورٽ ۾ چيلينهج ڪيو هو.
ان معاملي تي عدالت عظميٰ 10 رڪني فل ڪورٽ بڻايو هو، جنهن جي سربراهي جسٽس عمر عطا بنديال ڪري رهيو آهي ۽ گذريل ڏينهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست تي ٻڌڻي به ٿي هئي.
The post جسٽس قاضي فائز عيسيٰ برطانيا ۾ 3 ملڪيتن جو مالڪ…..! اهم خبر پڙهندا appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment