

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائيءَ جي سٽيل غريب عوام تي هڪ ٻيو بار وجهندي في يونٽ بجلي جي اگهه ۾ هڪ رپيو 78 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي.
نيشنل اليڪٽرانڪ ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب جولاءِ جي فويل پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 78 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي، واهپيدارن کان آڪٽوبر جي بلن ۾ اهو اضافو وصول ڪيو ويندو.
نيپرا جو چوڻ آهي ته فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واهپيدارن تي 24.60 ارب رپين جو بار پوندو.
نيشنل اليڪٽرانڪ ريگيوليٽري اٿارٽي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جون جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ بجلي 13 پئسا سستي ڪئي وئي آهي، جنهن جو رليف به واهپيدارن کي آڪٽوبر تي بلن ۾ ڏنو ويندو.
جون جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ۾ واهپيدارن کي 1.60 ارب رپين جو رليف ملندو.
The post مهانگائي سٽيل عوام تي هڪ ٻيو بار، بجلي مهانگي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment