خزانو خالي آهي، حج تي سبسڊي نٿا ڏئي سگھون: نورالحق قادري - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, October 9, 2019

demo-image

خزانو خالي آهي، حج تي سبسڊي نٿا ڏئي سگھون: نورالحق قادري

noor-haque
noor-haque

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير پير نور الحق قادري چيو آهي ته حڪومت جو خزانو خالي آهي ان ڪري حج تي سبسڊي نٿا ڏئي سگھون.

پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ سينيٽ جي مذهبي معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ هلندڙ سال حج جي موقعي تي انظامن ۽ ايندڙ سال حج انتظامن جي حوالي سان معاملن تي غور ڪيو ويو.

مذهبي معاملن جي وزارت واري سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته ملائيشين ماڊل تي حج فنڊن جو قيام غور هيٺ آهي، هڪ سال ۾ پيسو دير سان ايندو آهي جنهن سان سعودي ۾ انتظام مهانگا ڪرڻا پوندا آهن، وزارت فيصلو ڪيو آهي ته 3 ورهين جي حج پاليسي جوڙي وڃي، ان سان عمارتن جا معاهدا سستا ۽ سٺا ٿي سگھن ٿا.

هي به پڙهي سگھو ٿا: اجازت کان سواءِ ڪو به ڌرڻو نٿو ڏئي سگھي : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اجلاس دوران نور الحق قادري چيو ته متواتر حج ڪرڻ جي بنياد تي چئي سگھان ٿو ته هن سال حج انظام بهترين هئا، حڪومت جو خزانو خالي آهي ان ڪري حج تي سبسڊي نٿا ڏئي سگھون.

ڪميٽي حج 2019ع جي انتظامن تي سينيٽر حافظ عبدالڪريم جي سربراهي ۾ ماتحت ڪميٽي جوڙي ڇڏي، سينيٽر منظور احمد ۽ سينيٽر ڪرشنا ڪماري به ماتحت ڪميٽي ۾ شامل هوندا.

The post خزانو خالي آهي، حج تي سبسڊي نٿا ڏئي سگھون: نورالحق قادري appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages