

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي پارٽي پاڪستان مسلم ليگ ن دعويٰ ڪئي آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي بچاءَ بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي گڏيل اجلاس ۾ آرمي ايڪٽ ترميم بل تي ڪو به ووٽنگ ناهي ٿي.
آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي بچاءَ بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو گڏيل اجلاس ٿيو ۽ ترميمي بل منظور ڪيو ويو.
پر مسلم ليگ ن جي دعويٰ آهي ته بچاءَ بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي گڏيل اجلاس ۾ ڪا به ووٽنگ ناهي ٿي.
ذريعن ٻڌايو ته اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن قانون سازي جي لاءِ جلد بازي نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته حڪومت درخواست مڃڻ ۽ عجلت بازي ۾ قانون سازي نه ڪري.
ٻئي پاسي مسلم ليگ ن جي سينيٽر مشاهد الله خان جو چوڻ هو ته اسان بل منظور ناهي ڪيو، طريقيڪار جي تحت بل تي بحث ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته نواز شريف جي هدايتن تي عمل ڪيو ويندو، جيڪڏهن حڪومت ليت و لعل سان ڪم ورتو ته اسان ووٽ نه ڏينداسين ان ڪري قانون سازي جي طريقيڪار تي عملدرآمد ڪيو وڃي.
The post آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ ڪا ووٽ ناهي ٿي…! ن ليگ جي دعويٰ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment