

لاهور (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري هڪ شادي تقريب دوران ٽي وي ايڪنر مبشر لقمان کي چماٽ وهائي ڪڍي.
ذريعن موجب جهانگير ترين، اسحاق خاڪواڻي ۽ فواد چوڌري لاهور ۾ صوبائي وزير محسن لغاري جي پٽ جي وليمي جي دعوت ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئا ته ٽي وي اينڪر جي ايندي ئي فواد چوڌري جو ان سان جهيڙو ٿي پيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري ٽي وي اينڪر مبشر لقمان کي چماٽ وهائي ڪڍي، جنهن کانپوءِ ٻئي هٿين پئجي ويا ۽ تقريب ۾ موجود ماڻهن کين ڇڏائي ورتو.
ذريعن موجب ٽي وي اينڪر حريم شاهه بابت فواد چوڌري تي الزام هنيو هو.
هوڏانهن فواد چوڌري سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته اهڙن ماڻهن جو صحافت سان ڪو واسطو ناهي، صحافت ۾ گهڙيل اهڙن ماڻهن کي بي نقاب ڪرڻ سڀني جو فرض آهي.
مبشر لقمان جیسے لوگوں کا صحافت سے کوئ تعلق نہیں یہ وہ طوائفیں ہیں جوصحافت میں گھس گئ ہیں، ایسے صحافتی دلالوں کو بے نقاب کرنا سب کا فرض ہے۔ https://t.co/5YQhc8eQMK
— Ch Fawad Hussain (@fawadchaudhry) January 5, 2020
واضح رهي ته تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري ان کان اڳ به فيصل آباد ۾ هڪ تقريب دوران ٽي وي اينڪر کي چماٽ هنئي هئي.
The post فواد چوڌري هڪ ٻئي ٽي وي اينڪر کي چماٽ وهائي ڪڍي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment