ڀارت ۾ مسلمان محفوظ ناهن، عالمي تنظيمون نوٽيس وٺن: پرڏيهي وزير - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, August 13, 2020

demo-image

ڀارت ۾ مسلمان محفوظ ناهن، عالمي تنظيمون نوٽيس وٺن: پرڏيهي وزير

qureshi
qureshi

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت ۾ مسلمان محفوظ ناهن، هيومن رائٽس واچ، ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.

ڀارتي شهر بينگلور ۾ تڪراري فيس بُڪ پوسٽ کانپوءِ مسلمانن سان پيش آيل واقعي تي ردعمل ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته توهين رسالت جي ان واقعي مسلمانن جا جذبا مجروح ڪيا، ڀارت ۾ اڄ مسلمان محفوظ ناهن، مسجد کي شهيد ڪري مندر ٺاهڻ قطعي طور درست ناهي.

هن چيو ته جذبا به مسلمانن جا مجروح ٿيا، گرفتاريون ۽ شهادتون به انهن جون ٿيون، هيومن رائٽس واچ، ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، سيڪيولر اسٽيٽ کي ته ڀارت جي هن حڪومت دفن ڪري ڇڏيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ اڄ هڪ هندو اسٽيٽ جنم وٺي رهي آهي، اهو اندروني مسئلو ناهي، انسانيت جو مسئلو آ، پاڪستان کي حق حاصل آهي ته ان معاملي کي اٿاري.

شاهه محمود قريشي چيو ته اسان ڪالهه ڀارتي هاءِ ڪميشن اختيارين سان اهو معاملو اٿاريو ۽ پاڪستان جو ردعمل ڏنو، اسان هر عالمي سطح تي اسلامو فوبيا جي مسئلي کي اٿاري رهيا آهيون.

The post ڀارت ۾ مسلمان محفوظ ناهن، عالمي تنظيمون نوٽيس وٺن: پرڏيهي وزير appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages