آل رائوندر حسن علي ڀارتي ناري ساميه سان شادي جي تصديق ڪري ڇڏي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, August 2, 2019

demo-image

آل رائوندر حسن علي ڀارتي ناري ساميه سان شادي جي تصديق ڪري ڇڏي

hasan-ali
hasan-ali

گوجرانوالا ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي آل رائونڊر حسن علي ڀارتي ناري سان شاديءَ جي تصديق ڪري ڇڏي.  گوجرانوالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حسن علي چيو ته ڀارتي ناريءَ سان شاديون جون ڳالهيون سچ نه پر بلڪل سچ آهن. هن چيو ته  ڀارتي ناري سان شادي ڪري رهيو آهيان،  20 آگسٽ تي دبئي ۾ نڪاح ٿيندو،  تقريب ۾ خاندان ۽ دوست شرڪت ڪندا. سندس چوڻ هو ته ڇوڪريءَ جو نالو شاميه نه پر ساميه آهي. حسن علي چيو ته ساميه سان سندس پهرين ملاقات دبئي ۾ ٿي، جنهن کانپوءِ ڀاءُ عطا سان ڳالهه ڪئي، پوءِ ڀاڄائي ۽ ڀاءُ ساميه کي پسند ڪيو.  هن چيو ته ساميه سان پيار جو اظهار پهريون مان ڪيو،  ملاقات ۾ کيس شادي جي آڇ ڪئي جنهن تي هن شرمائڻ کانپوءِ ها ڪئي. قومي ڪرڪيٽر چيو ته تقريب ۾ پاڪستاني انداز جا ڪپڙا پهريندس،  منهنجي شيرواني ريڊ ۽ بليڪ هوندي، جڏهن ته ساميه ڀارتي لباس پهريندي.

The post آل رائوندر حسن علي ڀارتي ناري ساميه سان شادي جي تصديق ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages