پاڪستان ڪشميرين جو وڪيل هو ۽ انهن جي فتح تائين رهندو: شهباز شريف - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, August 4, 2019

demo-image

پاڪستان ڪشميرين جو وڪيل هو ۽ انهن جي فتح تائين رهندو: شهباز شريف

Shahbaz
Shahbaz

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته ڪشميرين جي فتح لازمي ۽ واضح آهي.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته نوجوانن جي شهادت مذمت جوڳو عمل آهي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل صورتحال جو فوري طور نوٽيس وٺي ۽ ڪشمير ۾ بي ڏوهن جو قتل عام روڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن سميت سڄي دنيا والاريل وادي ۾ ڀارتي فوج جي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي.

سندس چوڻ هو ته نريندر مودي هوش کان ڪم وٺي ۽ ياد رکي ته بي ڏوهن جو رت ظالم قومن ۽ رياستن کي کائي ويندو آهي، ڪشميري قيادت کي خاطري ڪرايون ٿا ته هر پاڪستاني ان جدوجهد ۾ توهان سان گڏ آهي، پاڪستان ڪشميرين جو وڪيل هو ۽ انهن جي فتح تائين رهندو، الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان فتح مظلوم ڪشميرين جي ٿيندي، ڇو ته اهي حق تي آهي ۽ الله پاڪ سدائين مظلوم جي مدد ڪندو آهي.

The post پاڪستان ڪشميرين جو وڪيل هو ۽ انهن جي فتح تائين رهندو: شهباز شريف appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages