والاريل ڪشمير جي صورتحال تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي طلب - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, August 5, 2019

demo-image

والاريل ڪشمير جي صورتحال تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي طلب

parliament
parliament

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ بگڙجندڙ صورتحال ۽ ڀارت طرفان والاريل وادي جي آئيني حيثيت ختم ڪرڻ جي فيصلي جو جائزو وٺڻ لاءِ صدر پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي سڏائي ورتو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سميت ٻين اپوزيشن اڳواڻن والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ لائن آف ڪنٽرول تي ڀارت طرفان ڪلسٽر بمن جي استعمال تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو هو.

صدر عارف علوي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي صبح 11 وڳي طلب ڪيو آهي.

The post والاريل ڪشمير جي صورتحال تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي طلب appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages