

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان اسٽيل ملز جي بحالي جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي بابت جائزي لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، واپار بابت صلاحڪار رزاق دائود ۽ صنعت ۽ نجڪاري واري وزارت جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ وزيراعظم کي اسٽيل ملز جي صورتحال ۽ بندش سبب نقصانن سميت ملز جي بحالي لاءِ موجوده حڪومت جي فيصلن تي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسٽيل ملز 2008 تائين منافعو ڏيندڙ ادارو هو، جيڪو 2009 ۾ نقصانن جو شڪار ٿيو، جون 2015 ۾ اسٽيل ملز کي مڪمل طور تي بند ڪيو ويو، پگهارن جي ادائيگين جي مد ۾ 37 ڪروڙ ماهوار خرچ ٿي رهيا آهن، هيل تائين اسٽيل ملز جي ذمي رهتون 217 اربن تائين پهچي ويون اهن.
وزيراعظم عمران خان چيو ته اسٽيل ملز کي نقصانن کان بچائڻ ۽ ان جي بحالي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، هڪ منافعي ڏيندڙ اداري جي تباهي ماضي جي بد انتظامي ۽ غفلت جو واضح مثال آهي.
وزيراعظم صنعت واري وزارت کي اسٽيل ملز جي بحالي جي ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
The post وزيراعظم اسٽيل ملز جي بحاليءَ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment