ڀارتي قدمن تي احتجاجن طور قومي اسيمبلي اجلاس ملتوي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, August 5, 2019

demo-image

ڀارتي قدمن تي احتجاجن طور قومي اسيمبلي اجلاس ملتوي

na
na

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ڀارت طرفان ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ تي احتجاجن طور اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪيترائي ڪلاڪ دير سان ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته قاسم سوري چيو ته ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جو ڀارتي قدم ۽ ڪشمير ۾ جارحيت مذمت جوڳو عمل آهي، پاڪستاني عوام جا نمائندا ڀارت جي انهن قدمن کي رد ڪن ٿا.

هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ڀارتي قدمن تي احتجاج ڪري ٿي، ڪشمير جي حوالي سان پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي پارليامينٽ لائن آف ڪنٽرول تي ڀارت طرفان جارحيت جي مذمت ڪري ٿي، ڀارت ڪشمير بابت آئيني شق ختم ڪرڻ جو ڊرامو ڪيو آهي.

قاسم سوري چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس احتجاجن طور خميس جي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو پيو وڃي.

The post ڀارتي قدمن تي احتجاجن طور قومي اسيمبلي اجلاس ملتوي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages