

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي سيشن عدالت امانت ۾ خيانت ۽ سنگين نتيجن جي ڌمڪين جي ڪيس ۾ نامزده اداڪار محسن عباس جي عبوري ضمانت ۾ 16 آگسٽ تائين واڌ ڪندي پوليس کي محسن عباس جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.
ايڊيشنل سيشن جج تجمل شهزاد محسن عباس جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي اداڪار وڪيل سان گڏ سيشن عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران محسن عباس جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پوليس جي جاچ جاري آهي، اداڪار پوليس سان مڪمل سهڪار ڪري رهيو آهي ان ڪري سندس اصيل جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪئي وڃي.
عدالت پوليس کي جلد جاچ مڪمل ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي اداڪار محسن عباس جي عبوري ضمانت ۾ 16 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي.
The post اداڪار محسن عباس جي عبوري ضمانت ۾ واڌ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment