پوليس شهيدن جو ڏهاڙو، صدر ۽ آرمي چيف جا پيغام - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, August 4, 2019

demo-image

پوليس شهيدن جو ڏهاڙو، صدر ۽ آرمي چيف جا پيغام

police-day
police-day

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ اڄ پوليس جي شهيدن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي ۽ آرمي چيف قمر جاويد باجوا، صدر عارف علوي سميت ٻين شخصيتن پنهنجي پيغامن ۾ شهيدن جي جرئت ۽ سندس پونئيرن جي صبر کي سلام پيش ڪيو آهي.

پوليس شهيدن جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ٿيون، جتي شهيدن کي خراج پيش ڪيو ويو ۽ قبرن تي گل به نڇاور ڪيا ويا.

تقريبن ۾ شهيدن جي مغفرت لاءِ قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويو، جڏهن ته انهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعائون پڻ ڪيون ويون.

صدر عارف علوي پنهنجي پيغام چيو ته قوم ملڪي سلامتي لاءِ حياتيون قربان ڪندڙن جي قرضي آهي، پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي قربانين کي خراج پيش ڪيان ٿو، پوليس سميت ٻيا ادارا به دشمن خلاف متحرڪ آهن، جلد ملڪ دشمن عنصرن جو خاتمو آندو ويندو.

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا به پوليس جي شهيدن کي خراج پيش ڪيو ۽ ان کي هڪ پيشيوراڻي فورس قرار ڏنو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان جي پوليس پاڻ کي طاقتور ۽ پيشيور قوت ثابت ڪيو آهي، ٻين سيڪيورٽي فورسز سان گڏ دهشتگردي جي خاتمي جي مهم ۾ پوليس جو ڪردار اهم آهي.

The post پوليس شهيدن جو ڏهاڙو، صدر ۽ آرمي چيف جا پيغام appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages