پاڪستان جو سلامتي ڪائونسل کان ڀارتي ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, August 4, 2019

demo-image

پاڪستان جو سلامتي ڪائونسل کان ڀارتي ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

Imran-Khan-4
Imran-Khan-4

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت طرفان هٿين خالي ڪشميرين تي ڪلسٽر بمن جي استعمال جو نوٽيس ورتو وڃي.

وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ ڪلسٽر بمن جي استعمال جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڀارت انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪلسٽر بمن جو استعمال ڪيو ۽ ڪنونشنل هٿيارن بابت 1983 جي معاهدي جي پنهنجي ئي واعدي جي ڀڃڪڙي ڪئي.

عمران خان لکيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل عالمي امن ۽ سلامتي کي پيش خطرن جو نوٽيس وٺي.

هن وڌيڪ چيو ته هي وقت اهي ته والاريل ڪشمير جي عوام جي ڊگهي اذيت ناڪ رات جي پڄاڻي ٿئي، گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشني ۾ ڪشميرين کي پنهنجو حق استعمال ڪرڻ جي آزادي هجڻ گهرجي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي جو واحد رستو رڳو پرامن ڪشمير مان ٿي گذري ٿو.

عمران خان موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي هئي، هي وقت آهي ته ڪشمير ۾ خراب ترين صورتحال ۽ لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي جارحيت کي روڪڻ لاءِ ڪجهه ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄو خطو متاثر ٿي سگهي ٿو.

هوڏانهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پڻ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف احمد سان ٽيلي فونڪ رابطو ڪري ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي جارحيت ۽ امن امان جي صورتحال بابت ڳالهايو.

The post پاڪستان جو سلامتي ڪائونسل کان ڀارتي ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages