

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هن وقت جيتوڻيڪ سموري دنيا جي گھڻن ملڪن ۾ پوليو کي ختم ڪيو ويو آهي، پر آمريڪا ۾ پوليو سان ملندڙ جلدڙ ظاهري علامتن واري هڪ اهڙي ٻي بيماري سامهون آئي آهي جنهن کي (اي ايف آءِ) چيو ويندو آهي. طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته 2020ع ۾ اها بيماري آمريڪا ۾ هڪ ڀيرو وري وبا جي شڪل اختيار ڪري سگھي ٿي. گذريل پنجن ورهين ۾ اها بيماري ٽئي ڀيرا وبائي انداز ۾ پکڙجي چڪي آهي.
ان بيماري جو سڄو نالو “اڪيوٽ فليسڊ مائيلائيٽس“ (Accute Flaccid Myelitis) آهي جيڪا ڪرنگھي جي هڏي ۽ مرڪزي عضون جي نظآم تي حملو ڪري متاثر فرد جي ٻانهن ڄنگھن کي سخت ڪمزور ڪري ڇڏي ٿي. جيتوڻيڪ ان جا اثر وقتي هجن ٿا جيڪي ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي وڃن ٿا پر ٻارن ۾ ان بيماري کي ڪيترن ئي مهينن تائين ڏٺو ويو آهي.
هي به پڙهي سگھو ٿا: ڪجهه ڏينهن واڪ نه ڪرڻ به صحت لاءِ هاڃيڪار آهي
سائنسدان هن وقت تائين اهو ناهن ڄاڻي سگھيا ته آخر اي ايف ايم جا اصل ڪارڻ ڪهڙا آهن، پر تازي اڳڀرائي اها آهي ته ان بيماري ۾ وائرس جي هڪ خاص قسم “اينٽيرو وائرس” سان واسطو رکندڙ ڪجهه وائر سون جو ڪردار سامهون آيو آهي. پر اڃا ان خيال جي حتمي تصديق ٿيڻ باقي آهي.
اي ايف ايم جي علامتن ۾ ٻانهون ۽ ڄنگن کي حرڪت ڏيڻ ۾ ڏکيائي کان وٺي ساهه کڻڻ ۾ سخت ڏکيائي تائين جون تڪليفون شامل آهن ۽ ساهه کڻڻ دوران پٺن ۾ ڪمزوري جو سبب بڻجي ٿي.
2014ع کان هن وقت تائين ان بيماري جا جيترا به مريض سامهون آيا آهن، انهن مان گھڻن کي ڄاڻايل علامتن کان سواءِ بخار، کنگھه، وهندڙ نڪ، الٽي ۽ دستن جي شڪايت به هئي، جن مان گھڻيون موسمي زڪام جون علامتون به هيون.
ماهرن جو چوڻ آهي ته گذريل 6 ورهين ۾ “اي ايف ايم“ ٽئي ڀيرا وبا جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، ۽ هر ڀيري ان جي متاثرن جو انگ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نظر آيو آهي. پهرين شروعات 2014ع ۾ ٿي هئي جنهن دوران 120 مريض سامهون آيا هئا، 2016ع ۾ اهو انگ وڌي 153 ٿي ويو جڏهن ته 2018ع ۾ ان بيماري 236 ڄڻن کي متاثر ڪيو. پوليو جيان اي ايف ايم جو نشانو بڻجندڙن ۾ گھڻائي ٻارن جي هئي.
اي ايف ايم جي وبائي پکيڙ کي ڏسندي ماهرن کي خدشو آهي ته اها بيماري 2020ع ۾ هڪ ڀيرو وري حملو ڪندي ۽ ممڪن آهي ته هن ڀيري ان جو شڪار ٿيندڙ جو انگ گھڻو وڌيڪ هجي.
Know the signs
with sophie it was only left side weakness and she lost the strength in her leg muscles. we were sent home 3 times, before anyone realised how seriously poorly she was
#acuteflaccidmyelitis pic.twitter.com/d5gjT9fMW6
— Alice milliken (@Alicemilliken3) September 27, 2019
The post آمريڪا ۾ پوليو جهڙي پراسرار بيماري جو حملو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment