

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽرول جي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ اگھن کان پريشان موٽرسائيڪل سوارن لاءِ خوشبري آهي ته هاڻ پاڪستان ۾ به اليڪٽرڪ انجڻ سان هلندڙ موٽرسائيڪلون تيار ڪيون پيون وڃن جنهن کي 50 ڪلوميٽرن جي ايوريج تي ماهوار رڳو 500 رپين ۾ هلائي سگھجي ٿو.
ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان جي صوبي پنجاب جي شهر ساهيوال ۾ ٻن ادارن جي گڏيل ڀائيواري سان پيٽرول بدران برقي توانائي تي هلندڙ موٽرسائيڪل کي مقامي سطح تي تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي جيڪا راويتي موٽرسائيڪل جيان ئي آهي پر ان ۾ پيٽرول سان هلندڙ انجڻ بدران برقي توانائي سان ڪم ڪندڙ انجڻ لڳائي وئي آهي.
هونئن ته بجلي سان هلندڙ موٽرسائيڪلون پاڪستان ۾ گھڻي عرصي کان موجود آهن جن جو اگھه لکن ۾ آهي پر گهڻي مهانگي هجڻ سبب اهي موٽرسائيڪل ن هيٺين طبقي جي پهچ کان ٻاهر آهن پر ساهيوال جي عثمان شيخ ان موٽرسائيڪل کي مقامي سطح تي تيار ڪري ورتو آهي.
هي به پڙهي سگھو ٿا: فزڪس جو نوبل انعام ٻن سوئس ۽ هڪ ڪينيڊين آمريڪي سائسندان جي نانءُ
ساهيوال سان واسطو رکندڙ اوج ٽيڪنالوجيز جي عثمان شيخ اليڪٽرڪ بائيڪ جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن کي پاڪستان ۾ ئي اسيمبل ڪري موٽر سائيڪل واپاري بنيادن تي تيار ڪئي آهي جنهن ۾ روايتي اوزار جهڙوڪ گيئر، ڪڪ، گيئر ليور، موبل آئل ۽ چين گراڙي سيٽ جي ضرورت نٿي رهي ۽ اها ماحول دوست به آهي.
عثمان شيخ موجب اسان پيٽرول سان هلندڙ روايتي موٽرسائيڪل جي پهريان کان موجود ايڪو سسٽم مان فائدو ورتو ۽ مقامي سطح تي اليڪٽرڪ بيٽري سسٽم تيار ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ ئي ڪنٽرولر، بيٽري ميئنيجمنٽ سسٽم (بي ايم ايس) چارجر، موٽر ۽ بيٽري پيڪ ڊيزائين ڪيا آهن.
ان اليڪٽرڪ بائيڪ جي رينج 70 ڪلوميٽر آهي جنهن کان پوءِ ان کي گھر يا آفيس ۾ 5 ڪلاڪ چارج ڪري سگجي ٿو. اهي بائيڪس 50 ڪلوميٽرن تائين ايوريج ڏين ٿيون جنهن جو مطلب ٿيو ته انهيءَ رينج ۾ عام موٽر سائيڪل جي پيٽرول جو خرچ ماهوار 4 هزار هوندو ته اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل ۾ اهو خرچ 500 هوندو.
هي به پڙهي سگھو ٿا: اوندهه ۾ چمڪندڙ سولر جيڪيٽ
آلودگي کان پاڪ، سواءِ ڪنهن گوڙ جي هلندڙ ماحول دوست ۽ گھٽ خرچ اليڪٽرڪ موٽر سائيڪل جو شروعاتي طور تي اگھه 88 هزار رپيا رکيو ويو آهي جڏهن ته پيٽرول تي هلندڙ موٽرسائيڪل کي به الڪيٽرڪ موٽرسائيڪل ۾ تبديل ڪرائي سگھجي ٿو. چين، جاپان ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ الڪيٽرڪ گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلن جو استعمال عام آهي.
Neon M3 All Electric Bike Launched in Pakistan – https://t.co/UxTtOv7V72 pic.twitter.com/uHeaizlEdV
— ProPakistani (@ProPakistaniPK) August 16, 2018
The post پاڪستاني عوام لاءِ خوشخبري، هاڻ موٽر سائيڪل بنا پيٽرول جي هلندي appeared first on Awami Awaz.
Your article has proven useful to me. It’s very informative and you are obviously very knowledgeable in this area. You have opened my eyes to varying views on this topic with interesting and solid content.
ReplyDeleteToday Sindhi News
Sindhi News