هلندڙ سال آءِ فون 2 نوان ماڊل لانچ ٿيندا - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, January 4, 2020

demo-image

هلندڙ سال آءِ فون 2 نوان ماڊل لانچ ٿيندا

I-PHONE
I-PHONE

هلندڙ سال ايپل آءِ فون جو  هڪ نه پر ٻه نوان ماڊل لانچ ڪري رهي آهي. ٻئي ماڊل ايس اي سيريز جو حصو هوندا.

سال 2020ع ۾ ايپل ٻه نوان ايس اي ٽو ماڊل جا آءِ فون لانچ ڪري رهي آهي، نون ماڊلن جي اسڪرين 5.5 ۽ 6.1 انچ هوندي.

مشهور ٽيڪنالوجي تجزيا نگار ”منگ چي ڪو“  موجب ڄاڻايل ماڊل جو ايس اي 2 پلس ايندڙ سال يعني 2021ع ۾ لانچ ڪيو ويندو.

منگ جي ڪو موجب نون ماڊلن جي بنيادي ڊزائين آءِ فون 8 جهڙي هوندي پر ان جا فيچرز اپ گريڊ ڪيا پيا وڃن.

ايس اي 2 ماڊلز ۾ ٿري ڊي ٽچ فيچرز نه هوندا، اهي فيچرز آءِ فون 11 مان به  ختم ڪيا ويا آهن. نون مالڊن ۾ ٽچ آءِ ڊي فنگر پرنٽ ريڊر هوندو جڏهن ته فيس آءِ ڊي نه هوندي.

ان کان سواءِ ان ۾ اي 13 چپ ۽ 3 جي بي ريم هوندي. نون فونن جا رنگ امڪاني طور تي سلور، اسپيس گري ۽ ڳاڙها هوندا.

گذريل سال سيپٽمبر ۾ ايپل آءِ فون 11 ۽ آءِ فون 11 پرو لانچ ڪيا هئا. منگ چي ڪو موجب هاڻ هلندڙ سال ايپل هڪ نئون آءِ پيڊ ۽ نئين ميڪ بڪ کان سواءِ آگمينٽڊ ريئلٽي جو هيڊ سيٽ به لانچ ڪندو.

The post هلندڙ سال آءِ فون 2 نوان ماڊل لانچ ٿيندا appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages