

لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت اين آءِ سي ايل جي اڳوڻي چيئرمين اياز خان نيازي سميت 4 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.
احتساب عدالت اين آءِ سي ايل ڪرپشن ڪيس جو فيصلو ٻڌايو آهي، 46 صفحن تي ٻڌل تحريري فيصلي ۾ اڳوڻي چيئرمين اين آءِ سي ايل سميت 4 جوابدارن کي بري ڪيو ويو آهي.
نيب جوابدارن خلاف ريفرنس ۾ موقف پيش ڪيو هو ته انهن اختيار اورانگهيندي قومي ناڻي کي نقصان پهچايو، جنهن تي انهن خلاف ايئرپورٽ ڀرسان مهانگي اگهن تي زمين خريدڻ جو ريفرنس داخل ڪيو ويو هو.
عدالت پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته نيب جوابدارن خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ پراپرٽي ڊيلر جي ملوث هجڻ جا دستاويزاتي ثبوت به پيش نه ڪيا، جڏهن ته نيب رڪارڊ ۾ ڪو ثبوت ناهي، جنهن سان پلاٽ جي حقيقي قيمت مقرر ٿي سگهي.
عدالت اين آءِ سي ايل جي اڳوڻي چيئرمين اياز خان نيازي سميت چئني جوابدارن کي بري ڪندي سندن گرفتاري وارنٽ به رد ڪري ڇڏيا.
The post اين آءِ سي ايل ڪيس ۾ اڳوڻي چيئرمين سميت چارئي جوابدار بري appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment