

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ٿاڻي ڪچهري ۽ پٽواري جي سياست اسان کي نقصان رسايو جڏهن ته پوليس سٺو ڪم ڪندي ته ملڪ جي تقدير تبديل ٿي ويندي.
ميانوالي ۾ سٽي پوليس اسٽيشن جي افتتاح جي موقعي تي پوليس آفيسرن کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته ان ماڊل پوليس اسٽيشن جي قيام تي هو پوليس کاتي کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو، جڏهن پوليس اسٽيشن ۾ ڪو شهري ايندو آهي ته هن کي اهڙي قسم جو ماحول ملندو ته هو پوليس تي اعتماد ڪندو.
هن چيو ته جيڪڏهن پوليس سٺو ڪم ڪندي ته ملڪي تقدير تبديل ٿي ويندي، 2002ع ۾ جڏهن آئون پهريون ڀيرو ميانوالي مان قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻيس ته انهن پنجن سالن ۾ جڏهن آئون ۾ ويندو هيس ته سڀ کان وڏو مسئلو ٿاڻي ڪچهري جو هو ۽ سڀ کان وڌيڪ درخواستون به ان حوالي سان اينديون هيون، ڪوڙي ايف آءِ آرز هونديون هيون، ان وقت سياستدان ٿاڻي ڪچهرين کي ڪنٽرول ڪندا هئا، اهڙو قدم هو ڪنهن سٺي ڪم نه کڻندا هئا پر پنهجي مخالفن جي خلاف ٿاڻي کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ کڻندا هئا، پنهنجي مرضي جا ايس ايڇ او مقرر ڪري پنهنجي مخالفن کي ڊيڄاريو ويندو هو ان ڪري پوليس تي اعتماد نه هو.
هي به پڙهي سگهو ٿا:آرمي چيف جي معاملي تي عدليه انتظاميا جي اختيار ۾ مداخلت ڪئي: وزير اعظم عمران خان
وزير اعظم جو چوڻ هو ته ماڊل پوليس اسٽيشن نئين سوچ جي شروعات آهي، نئين پاڪستان جو مطلب نئين سوچ آهي، ٿاڻي ڪچهري ۽ پٽواري جي سوچ اسان جي ملڪ کي تباهه ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ماڊرن پوليس اسٽيشن ۾ عوام کي ڌڪا کائڻ ۽ سفارش بدران ميرٽ تي ڪم ٿيندو، هي هڪ نهايت سٺو قدم آهي ۽ هي ماڊل پوليس اسٽيشن سڄي پنجاب جي لاءِ مثال هوندو.
هن چيو ته هو پنجاب پوليس کي خيبرپختونخواهه پوليس جيان ڏسڻ چاهي ٿو، 2013ع ۾ جڏهن اسان خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت سنڀالي ته ان وقت صوبي کي دهشتگردي کي منهن ڏنو پئي ويو، ان ڪري پوليس جو مورال ڏاڍو ڪِري چڪو هو، اسان پوليس جو مورال بحال ڪيو، ميرٽ کڻي آياسين، ڀرتين جي لاءِ اين ٽي ايس متعارف ڪرايو جنهن کان پوءِ عوام طرفان پوليس جي حق ۾ مظاهرا ڪيا ويندا هئا، اسان پنجاب ۾ به اِها ئي صورتحال ڏسڻ چاهيون ٿا.
عمران خان آءِ جي پنجاب کي مخاطب ڪندي چيو ته هي هڪ ڏاڍو وڏو چيلينج آهي، 30 سالن جي گورننس سان غلط عادتون پروان چڙهي چڪيون آهن، انگريز جي دور جو نظام درست ناهي ڪيو ويو، اسان کي ان کي تبديل ڪرڻو آهي، سڄو پنجاب ڪجهه سالن ۾ اسان جي پوليس سان بيهندو.
ماڊل پوليس اسٽيشن، آءِ سي ٽي ليب جو افتتاح:
ان کان اڳ وزير اعظم عمران خان ميانوالي ۾ ماڊل پوليس اسٽيشن جو افتتاح ڪيو.
پوليس اسٽيشن آمد تي وزير اعظم کي پنجاب پوليس جي جٿي طرفان گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
بعد ۾ وزير اعظم پوليس اسٽيشن جي مختلف حصن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي آءِ جي پنجاب پوليس کاتي جي حوالي سان وزير اعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني.
پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، آءِ جي پنجاب ۽ ٻين اعليٰ اختيارين به وزير اعظم سان گڏ هيون.
آءِ جي پنجاب وزير اعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پوليس ۽ ٿاڻن جي نظام ۾ بهتري جي لاءِ پنجاب پوليس جي قدم جي تحت صوبي ۾ 29 ماڊل پوليس اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي هدايت تي صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ايس پي ڪمپلينٽس جي مقرري به عمل ۾ آندي وئي آهي.
وزير اعظم عمران خان نمل انسٽيٽيوٽ ۾ هواوي آءِ سي ٽي ليب جو افتتاح به ڪيو.
ان موقعي تي وزير اعظم کي جديد آءِ سي ٽي ليب جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.
Prime Minister of Pakistan Imran Khan Speech at Inauguration of the first Special Economic Zone of CPEC the state-of-the-art Allama Iqbal Industrial City in Faisalabad (03.01.20) @ImranKhanPTI 2/2 pic.twitter.com/W1nvD5Us2L
— PTI (@PTIofficial) January 4, 2020
The post ملڪ جي تقدير پوليس جي سٺن ڪمن سان تبديل ٿيندي…! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment