

پاڪستان جي ناليواري اداڪار فهد مصطفيٰ ڪجهه ڏينهن اڳ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي والدين کي پيغام ڏيندي لکيو هو ته هو پنهنجي ٻارن کي ٽڪ ٽاڪ ايپ کان پري رکن ڇو ته اها ايپ ٻارن جو وقت زيان ڪري رهي آهي جنهن کان پوءِ اداڪار کي مداحن طرفان سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو.
ان کان پوءِ فهد مصطفيٰ نئين سال جون واڌايون ڏيندي به پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي اهو لکيو هو ته وسارجو نه سڀني کي ٽڪ ٽاڪ کان پري رهڻ گھرجي.
هي به پڙهي سگھو ٿا:حريم شاهه جو ملڪ ڇڏڻ جو اعلان
پر هاڻ مداحن سان گڏوگڏ اداڪارا هانيا عامر به فهد مصطفيٰ تي ٽوڪ ڪئي آهي.
فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي اسٽوريز ذريعي هانيا عامر ڪجهه ويڊيوز شيئر ڪيو جن ۾ هن مداحن کي نئين سال جي منصوبن جو ٻڌايو.
ويڊيو ۾ اداڪارا جو چوڻ هو ته منهنجو نئين سال جو منصوبو آهي ته آئون ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪري فهد مصطفيٰ کي مايوس ڪيان.
هانيا عامر چيو ته جيترو ٿي سگھيو اوترو وڌيڪ ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪنديس ۽ ڪوشش ڪنديس ته ان سان ڪجهه تخليق ڪري سگھان.
هي به پڙهي سگھو ٿا:اداڪارا منشا پاشا جي مداحن سان دلچسپ ڳالهه ٻولهه
هن ٽڪ ٽاڪ تي پنهنجو يوزر نيم به مداحن سان شيئر ڪيو ۽ اهو به ٻڌايو ته هن هن وقت تائين رڳو هڪ ويڊيو اپ لوڊ ڪئي آهي جنهن ۾ هوءَ پيانو وڃائيندي نظر اچي رهي آهي.
The post هانيا عامر به فهد مصطفيٰ جي مخالفت ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment