

نوشهره (ويب ڊيسڪ) نوشهره ۾ ٻن وحشي جوابدارن ستن سالن جي ٻارڙي کي مبينه طور تي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو.
نوشهره ۾ ٻن ڄڻ ستن سالن جي ٻاررڙي کي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ بعد ٻنيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو، علائقي واسين ٻاررڙي سان ڏاڍائي ڪندڙ ٻن جوابدارن کي پڪڙڻ بعد تشدد ڪري کين پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي ۽ ٻارڙي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جي روشني ۾ جاچ کي اڳتي وڌائينداسين.
آءِ جي خيبرپختونخواه ثناء الله عباسي ان حوالي سان چيو آهي ته صوبي ۾ وڪٽم سپورٽ پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون، پروگرام لاءِ پشاور، چارسده، مردان ۽ ايبٽ آباد ۾ ليڊي پوليس آفيسرن جي چونڊ ڪئي آهي.
The post نوشهره ۾ ستن سالن جي ٻارڙي وحشين جو شڪار، ڏاڍائي بعد قتل appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment