فحش مواد ڏسڻ ۾ ڀارتي سڀ کان اڳتي…! - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, January 3, 2020

demo-image

فحش مواد ڏسڻ ۾ ڀارتي سڀ کان اڳتي…!

India-leads-global-porn-con
India-leads-global-porn-con

ڀارتي شهري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سمارٽ فونز تي فحش مواد ڏسڻ جا عادي آهن..

اها ڳالهه فحش مواد ڏيکاريندڙ سڀ کان وڏي ويب سائيٽ پورن هب هڪ رپورٽ ۾ ٻڌائي آهي، جنهن موجب 2019ع ۾ 89 سيڪڙو ڀارتي شهري پورن کي موبائل ڊوائيسز ۾ ڏٺو ۽ اها رپورٽ ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن ڀارت ۾ ان ويب سائيٽ تي پابندي مڙهي وئي آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته عالمي سطح تي هر چئن مان 3 ماڻهو اهو مواد موبائل فونز تي ڏسندا آهن ۽ ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاسپ جي اهميت گھٽ ٿي چڪي آهي جڏهن ته موبائل ٽريفڪ ۾ 2018 جي ڀيٽ ۾ 2019 ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي.

ڀارت کان پوءِ آمريڪا 81 سيڪڙو سان ٻين نمبر تي جڏهن ته برازيل 79 سيڪڙو سان ٽين نمبر تي رهيو.

جاپان ۾ 70 سيڪڙو ماڻهو اهو مواد سمارٽ فونز تي ڏسڻ جا عادي آهن جڏهن ته برطانيا ۾ 74 سيڪڙو واهپيدار ائين ڪندا آهن.

رپورٽ موجب ڀارت ۾ سمارٽ فونز تي فحش مواد کي ڏسڻ شرح ۾ واڌ جو وڏو سبب سستي موبائل ڊيٽا پلان جي دستيابي آهي، جڏهن ته اتي مڊرينج ۽ فليگ شپ فونز جي اگھن ۾ به گھٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي.

ڀارت هن وقت في فون سڀ کان گھڻي انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ملڪ آهي جتي تقريبن ماهوار هر واهپيدار 9؟8 جي بي انٽرنيٽ استعمال ڪندو آهي.

ان شرح ۾ 2024ع تائين ٻيڻ تي واڌ جو امڪان آهي ۽ اها رينج 18 جي بي تائين پهچي ويندي، جڏهن ته 2021ع تائين ڀارت ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جو انگ 82 ڪروڙ کان وڌڻ جو امڪان آهي.

ڀارت ۾ آڪٽوبر 2018ع ۾ 827 پورن ويب سائيٽس تي پابندي لڳائي وئي هئي جنهن جو سبب هڪ جنسي زيادتي بڻيو هو جنهن ۾ جوابدار اهو مواد ڏسي ڏوهه ڪيو هو.

پر اڃا به ڀارت جا 91 سيڪڙو واهپيدارن کي ان ويب سائيٽ تائين موبائل فونز ذريعي پهچ حاصل آحي، جڏهن ته آڪٽوبر 2018ع کان ڀارت ۾ ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪس (وي پي اين) ڊائون لوڊ ڪرڻ جي شرح ۾ 405 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي.

2018ع ۾ ڀارت طرفان ملڪ ۾ پورن کي بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش پهريون ڀيرو ناهي ڪئي وئي پر 2015ع ۾ به 857 ويب سائيٽس کي بلاڪ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا هئا پر اهو فيصلو بعد ۾ واپس ورتو ويو هو.

The post فحش مواد ڏسڻ ۾ ڀارتي سڀ کان اڳتي…! appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages