وزير اعظم جي نوٽيس تي گيس بلن ۾ وصول واڌو رقم صارفن کي واپس - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, January 4, 2020

demo-image

وزير اعظم جي نوٽيس تي گيس بلن ۾ وصول واڌو رقم صارفن کي واپس

imran-khan-pm-pakistan-pti
imran-khan-pm-pakistan-pti

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي نوٽيس کان پوءِ سوئي گيس انتظاميا واڌو بلن جي مد ۾ صارفن کان وصول رقم واپس ڪري ڇڏي.

صارفن کي کي ملندڙ گيس پريشر ۽ ملندڙ بلن جو عملي طور تي معائنو ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف جاين تي پهچندڙ گيس پريشر بلنگ پريشر کان گهٽ نڪتو.

وزير اعظم عمران خان گهٽ پريشر وارن علائقن ۾ واڌو بل موڪلڻ تي سوئي ناردرن انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

وزير اعظم جي نوٽيس تي ناردرن گيس بورڊ آف ڊائريڪٽر جي انتظاميا حرڪت ۾ آئي ۽ فيبروري مارچ 2019ع جي بلن جي مد ۾ وصول ڪيل واڌو 5 ڪروڙ رپيا صارفن کي واپس ڪري ڏنا جڏهن ته وڌيڪ 46 ڪروڙ 30 لک رپين جي رقم جي واپسي جو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي.

وزير اعظم جي نوٽيس تي ڪمپني حقيقي گيس پريشر جي موجب بلنگ درست ڪري.

سوئي ناردرن گيس انتظاميا طرفان وزير اعظم عمران خان کي بلن جي مد ۾ وصول ڪيل واڌو رقم جي واپسي بابت رپورٽ به پيش ڪئي وئي آهي.

The post وزير اعظم جي نوٽيس تي گيس بلن ۾ وصول واڌو رقم صارفن کي واپس appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages