فردوس عاشق اعواڻ اپوزيشن جا ڳُڻ ڳائڻ لڳي…! - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, January 5, 2020

demo-image

فردوس عاشق اعواڻ اپوزيشن جا ڳُڻ ڳائڻ لڳي…!

firdous
firdous

 

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ادارن تي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي، تنهن ڪري اميد آهي ته اپوزيشن ملڪي مفادن جي معاملن تي سياست نه ڪندي.

سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اڄ ڀارت ڪشميرين کي بنيادي حقن کان محروم ڪري رهيو آهي، ڪشميرين جي جدوجهد ضايع نه ٿيندي،  وزيراعظم دنيا جي هر فورم تي ڪشميرين لاءِ آواز اٿاريندو رهندو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: فردوس عاشق اعواڻ مولانا فضل الرحمان کي محب وطن قرار ڏئي ڇڏيو…!

هن چيو ته سوشل ميڊيا تي پاڪستان خلاف پروپئگنڊا جاري آهي، پاڪستان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏنيون، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ڀارت کي پاڪستان خلاف سازشن ۾ ناڪامي ٿي، جڏهن ته تاثر ڏنو پيو وڃي پاڪستان خطي ۾ مهم جو حصو بڻجي رهيو آهي.


سندس چوڻ هو ته وزيراعظم امن جو علمبردار بڻجي اُڀريو آهي، عمران خان ايران ۽ سعودي عرب سميت ٻين ملڪن جا دورا ڪيا، اسان کي خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو آهي.

فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي اپوزيشن بردباري جو مظاهرو ڪيو، ادارا ڪنهن جماعت نه پر ملڪ جا آهن، تنهن ڪري ادارن تي سياست ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، اميد ته اپوزيشن ملڪي مفادن جي معاملن تي سياست نه ڪندي.

The post فردوس عاشق اعواڻ اپوزيشن جا ڳُڻ ڳائڻ لڳي…! appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages