خطي ۾ امن خراب ڪندڙ ڪنهن عمل جو حصو نه بڻجنداسين: پاڪ فوج جو ترجمان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, January 5, 2020

demo-image

خطي ۾ امن خراب ڪندڙ ڪنهن عمل جو حصو نه بڻجنداسين: پاڪ فوج جو ترجمان

ispr
ispr

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته خطي ۾ امن خراب ڪندڙ ڪنهن به عمل جو حصو نه بڻجنداسين.

خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور آمريڪا ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ تي ڳالهائيندي چيو ته ايراني جنرل تي حملي کانپوءِ خطي جي حالتن ۾ تبديلي آئي ۽ ان معاملي تي آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

هن چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو کي چيو ته خطو خراب حالتن مان بهتري ڏانهن وڃي رهيو آهي، اهڙي ڪنهن به عمل جو حصو نه بڻجنداسين، جنهن سان خطي جو امن خراب ٿئي.

سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، خطي جي مختلف ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ٿيڻ گهرجي ۽ ڊائلاگ سان اڳتي وڌڻ گهرجي، پاڪستان ان سلسلي ۾ سمورين پرامن ڪوششن جي تائيد ڪندو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڀارت جو نئون آرمي چيف به پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇڻ لڳو

پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان وڏين قربانين کانپوءِ امن حاصل ڪيو آهي، اسان افغان سرحد کي محفوظ بڻايو ۽ پنهنجي سرزمين تان دهشتگردن جو خاتمو آندو، آرمي چيف واضح لفظن ۾ چيو ته پاڪستان هر اهو ڪم ڪيو، جنهن سان خطي ۾ امن قائم ٿئي، افغان مصالحتي عمل کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته خطو 4 ڏهاڪن کان امن لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو آهي، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جو واضح موقف آهي ته خطي جو امن خراب ڪندڙ ڪنهن به عمل جو حصو نه بڻجنداسين.

ڀارتي آرمي چيف جي پاڪستان کي ڌمڪين تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارتي آرمي چيف نئون آهي ۽ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هو آرمي چيف جي عهدي تي نئون آهي پر ڀارتي فوج ۾ پراڻو آهي ۽ چڱي ريت واقف آهي ته پاڪ فوج پنهنجي سرحد جو بچاءُ ڪرڻ ڄاڻي ٿي، ڀارتي آرمي چيف کي گهرجي ته ڌمڪين بدران والاريل ڪشمير مان ڪرفيو ۽ ڀارت ۾ هندوتوا جي پرچار کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري نه ته ڀارت جنهن رستي تي هلي رهيو آهي، اهو پاڻ تباهي ڏانهن ويندو.

هن چيو ته ڀارتي شرپسندي باوجود اسان ذميوار رياست ۽ قابل فوج هجڻ جو ثبوت ڏنو.

The post خطي ۾ امن خراب ڪندڙ ڪنهن عمل جو حصو نه بڻجنداسين: پاڪ فوج جو ترجمان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages