

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته 16 مهينن ۾ عوام کي نواز شريف جي ترقي ڪندي پاڪستان ۽ عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ فرق جي خبر پئجي وئي.
پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب جي قيادت ۾ چورن ڪڻڪ ۽ کنڊ مان اربين رپيا ڪمايا، هو مهانگائي ۽ تاريخي قرض وٺي نالائقي جو رڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي، خان صاحب جي هوندي ملڪ کي ڪنهن دشمن جي ضرورت ناهي.
سندس چوڻ هو ته 16مهينن ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي، سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته ڇا رڳو نالائقي آهي يا اهو سڀ ڄاڻي واڻي ڪيو پيو وڃي؟ عوام کي نواز شريف ۽ عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ فرق جو پتو پئجي ويو آهي، عمران صاحب جي نالائقي جي سونامي سڄي ملڪ کي تباهه ڪري چڪي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته تباهي جو اهو سفر نه روڪيو ويو ته پاڪستان لنگر خاني ۾ تبديل ٿي ويندو، عمران خان ترقي ڪندڙ ملڪ کي تباهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي، عمران صاحب جي نااهل قيادت ۾ پوليو کان ڊينگي تائين تباهي ٿي.
The post ”عمران صاحب جي هوندي ڪنهن دشمن جي ضرورت ناهي“ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment