

قصور (ويب ڊيسڪ) قصور پوليس 13 ورهين جي نينگري کي کپائڻ جو منصوبو ناڪام بڻائيندي جوابدار جوڙي کي گرفتار ڪري ورتو.
قصور پوليس جي ترجمان موجب ڪنگن پور ٿاڻي جي ڳوٺ چاهل نو جي رهواسي رياض ۽ سندس زال بشريٰ مظفر ڳڙهه مان 13 ورهين جي صائما کي اغوا ڪري پنهنجي گهر ۾ قيد ڪيو هو.
ترجمان موجب جوابدارن نينگريءَ جي وڪري جو منصوبو جوڙيو، جيڪو پوليس وقت سر ڪارروائي ڪندي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
پوليس ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدار رياض کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
The post قصور ۾ نينگريءَ کي کپائڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوڙو گرفتار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment