

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي پارليامينٽ ۾ مخالفت ۽ ڀرپور مزاحمت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ ۾ آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي حوالي سان ترميمي بل آڻي رهيا آهيون پر اِهو مسئلو اهم نوعيت جو آهي جنهن ۾ عوام جو مينڊيٽ چوري ڪري بڻايل اسيمبلي کي ان حوالي سان قانون سازي جو حق نٿا ڏئي سگهون.
هن چيو ته جي يو آءِ (ف) ان طرح جي اسيمبلي ۾ انتهائي اهميت تي ٻڌل قانوني بل جي ڀرپور مزاحمت ڪندي ۽ پنهنجو موقف واضح طور تي رکندي ته اسان ان ڪوڙي اسيمبلي کي اهڙو قانون منظور ڪرڻ جو حق نٿا ڏئي سگهون.
مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي حوالي سان خاميون ختم ڪرڻ جو چيو هو پر هي اڃان وڌيڪ خاميون پيدا پيا ڪن، دانشورن جو هڪ وڏو ڌڙو اِها راءِ رکي ٿو ته جتي سپريم ڪورٽ جي اختيارن واري دائري کي سلب ڪيو ويندو آهي، ان جي فيصلن کي ٽوڙيو ويندو آهي اُتي قانون سازي نه آئيني ترميم جي ضرورت هوندي آهي.
سندس چوڻ هو ته هتي جيڪو به اهڙو ڳالهه ڪندو آهي ان کي اغوا ڪيو ويندو آهي، سرڪاري ادارا بعد ۾ اغوا کي قبول به ڪندا آهن، اهڙي صورت ۾ ڪنهن طرح پاڪستان جي جمهوري آزاداڻي ماحول ۾ اِهو بحث ڪنهن منطقي نتيجي تائين پهچي سگهي ٿو، ان ڪري اسان کي اهڙي قانون سازي جي لاءِ هڪ جائز ۽ آئيني ۽ جمهوريت ماحول گهرجي، هي ماڻهو نه عوام جا نمائندا آهن ۽ نه ئي جمهوريت جي علامت آهن.
هن چيو ته فوج ادا جو دفاعي ادارو آهي، فوج جي سربراهه ۽ ادارا ٻئي غير تڪراري آهن، اسان کي انهن کي تڪراري نه بڻائڻ گهرجي پر حڪومتي قدم فوج جي اداري ۽ قيادت کي تڪرار بڻائي رهيو آهي ان ڪري جي يو آءِ (ف) ان قسم جي ڪنهن به قانون سازي کي پاڻ کان لاتعلق رکڻ چاهي ٿي ۽ هن ان قسم جي قانون سازي جي مزاحمت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ٻئي پاسي جماعت اسلامي، نيشنل پارٽي ۽ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي به ٽنهي سروسز چيفس جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪري ڇڏي.
نيشنل پارٽي جي سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته هن جي پارٽي ٽنهي سروسز چيفس جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪري ٿي، جڏهن ته پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) به ان جي مخالفت ڪري رهي آهي.
The post آرمي ايڪٽ ترميمي بل: جي يو آءِ (ف) جو مخالف ۽ ڀرپور مزاحمت جو اعلان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment