ماهرن شگر جو سبب ۽ ڇوٽڪاري جو طريقو ڳولي ورتو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, January 3, 2020

demo-image

ماهرن شگر جو سبب ۽ ڇوٽڪاري جو طريقو ڳولي ورتو

SUGAR
SUGAR

شگر ٽائيپ ٽو سڄي دنيا ۾ وبا جيان پکڙجندڙ مرض بڻجي چڪو آهي جنهن سان ٻين طبي پيچيدگين جو خطرو به وڌندو آهي، جنهن بابت ڊاڪٽر گذريل ڪجهه سالن دوران گھڻو ڪجهه ڄاڻي چڪا آهن پر هاڻ پهريون ڀيرو سائنسدانن ان مرض جي پکڙجڻ جي عمل جو مشاهدو ڪري ورتو آهي.

طبي رسالي جرنل سيل ميٽابولزم ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شگر ٽائيپ ٽو ان وقت جسم ۾ ظاهر ٿيندي آهي جڏهن جيري مان واڌو چرٻي نڪري لبلبي ۾ پهچي ويندي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:جسم ۾ وٽامن ڊي جي کوٽ کي ظاهر ڪندڙ علامتون

برطانيا جي نيوڪيسل يونيورسٽي سان واسطو رکندڙ ماهر  روئي ٽيلر ۽ تحقيقي ٽيم جي قائد ٻڌايو ته ان جو مطلب اهو آهي ته هاڻ اسان شگر ٽائيپ ٽو کي اهڙي عام عارضي جيان ڏسي سگھو ن ٿا جيڪو ڪنهن فرد ۾ ضرورت کان وڌيڪ چرٻي جي اجتماع ۾ پکڙجندو آهي.

سڄي دنيا ۾ هن وقت 40 ڪروڙ ماڻهو شگر ٽائيپ ٽو جا مريض آهن، جنهن دوران جسم ۾ انسولين جي حوالي سان رد عمل جي صلاحيت متاثر ٿيندي آهي.

ان تحقيق ۾ ان خيال جي تصديق ٿي جيڪو 10 سالن کان وڌيڪ عرصو اڳ سامهو آيو هو ته اهو مرض جيري ۽ لبلبي ۾ واڌو چرٻي جو نتيجو هوندو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:يوگا ۽ مراقبي جا دماغ تي پوندڙ هاڪاري اثر

روئي ٽيلر جو چوڻ هو ته اسان ڏٺو ته جڏهن ڪنهن جي جسم ۾ گھڻي چرٻي گڏ ٿي ويندي آهي، جيڪا پهريان جلد جي هيٺان گڏ ٿيندي آهي ۽ اتي کان جسم جي ٻين حصن ۾ منتقل ٿي ويندي آهي.

هنن ٻڌايو ته جڏهن جلد جي هيٺان چرٻي محفوظ طريقي کان محفوظ ناهي هوندي ته اها جيري ۾ جمع ٿيڻ لڳندي آهي ۽ اتان لبلبي سوڌو جسم جي ٻين حصن ۾ پهچي ويندي آهي، ان سان لبلبو ”بلاڪ“ ٿيندو آهي ۽ اهي جينز ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا آهن جيڪي انسولين جي اثرائتي طريقي سان ٺهڻ ۾ ڪم ڏيندا آهن، جنهن سان شگر ٽائيپ ٽو ٿي ويندو آهي.

پر هنن ٻڌايو ته علاج نه ٿيڻ جوڳو سمجهو ويندڙ مرض کي ريورس ڪري سگھجي ٿو، جنهن لاءِ صحت بخش ۽ محدود مقدار ۾ غذائي پلان کي اپنائڻ ضروري هوندو آهي، جنهن سان جسماني وزن گھٽ ٿيندو آهي ۽ مرض کان ڇوٽڪاري جو رستو کلي ويندو آهي.

سندس چوڻ هو ته اهو طريقيڪار ان وقت اثرائتو هوندو آهي جڏهن ان مرض جي سڃاڻپ کان بعد جلد اپنايو وڃي.

محققن اهو نتيجو ان وقت ڪڍيو جڏهن هڪ تحقيق ۾ شگر ٽائيپ ٽو جي مريضن ۾ جسماني وزن جي کوٽ تي هڪ تحقيق ڪئي وئي.

تحقيق دوران انهن کي روز 825 کان 853 ڪيلوريز غذاق جي شڪل ۾ 3 کان 5 مهينن تائين روزانو استعمال ڪرائي وئي، جنهن کان پوءِ ان غذائي پلان کي هڪ ڀيرو 2 کان 6 هفتن تائين اپنايو ويو ۽ 24 مهينن تائين ان تي عمل ڪيو ويو.

انهن ماڻهن جي اڳڀرائي جو نتيجو مختلف مهينن ۾ ميٽابولڪ ٽيسٽن سان ڪيو ويو، سڀ کان پهرين شروعات ۾ ٽيسٽ ٿي، ٻيون ڀيرو 5 مهينن کان بعد، ٽيون ڀيرو 12 مهينن بعد ۽ آخري ڀيرو س24 مهينن بعد.

2 ورهين جي ان عرصي ۾ لڳ ڀڳ 90سيڪڙو ماڻهن ۾ شگر جو مرض ريورس ٿيڻ لڳو پر بعد ۾ ڪجهه ماڻهن جو وزن وڌيو ۽ انهن ۾ شگر ٽائيپ ٽو جي ٻيهر سڃاڻپ ٿي.

هاڻ اهي محقق 2020ع ۾ ان حوالي سان وڌيڪ ماڻهن ۾ جسماني وزن ۾ گھٽتائي ۽ شگر ٽائيپ ٽو سان ڇوٽڪاري جي واسطي تحقيق ڪندا.

The post ماهرن شگر جو سبب ۽ ڇوٽڪاري جو طريقو ڳولي ورتو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages