

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم مهانگائي سٽيل عوام کي رليف پهچائڻ لاءِ لڳ ڀڳ 18 ارب رپين تائين پيڪيج آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم کي عوام لاءِ ڏنل رليف پيڪيج بابت آگاهه ڪيو ويو.
ذريعن موجب وزيراعظم گيهه، داليون، کنڊ، اٽو ۽ چانور سستا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهي شيون 10 کان 25 سيڪڙو تائين سستيون ڪيون وينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جو مهانگائي گهٽائڻ لاءِ 15 کان 18 ارب رپين جو پيڪيج آڻڻ جو ارادو آهي، جنهن تحت يوٽيلٽي اسٽورن کي کاڌي پيتي جون شيون ذخيرو ڪرڻ لاءِ 10 ارب رپيا فوري طور جاري ٿيندا.
ذريعن موجب فيبروري کان جون 2020 تائين هر مهيني يوٽيلٽي اسٽورن کي 2 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي ۽ سڄي ملڪ جي 7 هزار يوٽيلٽي اسٽورن تي سستيون شيون موجود هونديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا 18 ارب رپين جي رليف پيڪيج جي منظوري اڱاري تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڏيندي، پهريون پيڪيج جون تائين هوندو ۽ جولاءِ ۾ نئون پيڪيج ايندو.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت ٻه لک ٽن ڪڻڪ خريدڻ جي به هدايت جاري ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ڪو غريب مهانگائي سبب تنگ نه ٿئي، وفاقي حڪومت ضلعي، تعلقي ۽ يوسي سطح تي ڪميٽيون ٺاهيندي.
اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته سستن تندورن جو انگ 10 هزار مان وڌائي 50 هزار تائين ڪيو ويندو، وفاقي حڪومت سستن تندورن کي اڌ اٽو فراهم ڪندي، جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورن تي 20 ڪلو اٽي جي ٻوڙي 8 سئو رپين ۾ ملندي.
The post وزيراعظم مهانگائي سٽيل عوام کي رليف پهچائڻ لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment