حڪومت 4، 5 مهينا نه ڪڍي سگهندي: پرويز رشيد - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, August 13, 2020

demo-image

حڪومت 4، 5 مهينا نه ڪڍي سگهندي: پرويز رشيد

pervez-rasheed
pervez-rasheed

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته نٿو لڳي حڪومت 4، 5 مهينا ڪڍي سگهندي.

پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته ملڪ ۾ تبديلي جي شروعات ٿي چڪي آهي، اها تبديلي آهي ته ماڻه جي ڪاوڙ هاڻ اُٻري رهي آهي، ماڻهو حڪومت مان ڇوٽڪارو چاهين ٿا.

هن چيو ته موجوده حڪومت جو هاڻ رهڻ ڏکيو آهي ۽ نٿو لڳي ته حڪومت ايندڙ 4، 5 مهينا ڪڍي سگهندي، حڪومتون ڪمزور ٿينديون آهن ته پوليس ۽ ملازمن کان لاقانونيت ڪرائينديون آهن.

سندس چوڻ هو ته مريم نواز تي نيب ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، هڪ وزيراعظم جي ڌيءُ جي لياقت باغ ٻاهران زندگي کسي وئي ۽ ٻئي وزيراعظم وزيراعظم جي ڌيءُ سان به اهڙي قسم جو منظر ماڻهن پنهنجي اکين سان ڏٺو، مريم نواز جي گاڏي تي اڳ ۾ شيلنگ ۽ پوءِ پٿرن جو مينهن وسايو ويو، الله پاڪ سندس حفاظت فرمائي.

پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته پارٽي ۾ ڌڙن جون ڳالهيون 1993 کان ٻڌي رهيو آهيان، پارٽي ۾ ڌڙابندي ماڻهن جي خواهش رهي آهي پر ائين ڪڏهن نه ٿيندو.

The post حڪومت 4، 5 مهينا نه ڪڍي سگهندي: پرويز رشيد appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages