

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 16 آگسٽ تي سعودي عرب جو دورو ڪندو جنهن ۾ ڪشمير ۽ معاشي معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار پرڏيهي خابرو ايجنسي سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه هلندڙ هفتي سعودي عرب جو دورو ڪندو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته اِهو پهرين کان طئي ٿيل آهي جنهن ۾ بنيادي طور تي فوجي معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.
آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ٽي ڏينهن اڳ سعودي سفير نواف سعيد المالڪي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ خطي جي صورتحال تي تفصيلي غور ڪيو ويو.
The post آرمي چيف سعودي عرب جو دورو ڪندو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment