نيب جي آفيسر ٻاهران ڀڄ ڊاهه، ن ليگي ڪارڪنن جون ضمانتون منظور - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, August 13, 2020

demo-image

نيب جي آفيسر ٻاهران ڀڄ ڊاهه، ن ليگي ڪارڪنن جون ضمانتون منظور

PMLN-Protest
PMLN-Protest

لاهور(ويب ديسڪ) ضلعي ڪچهري جي عدالت مريم نواز جي پيشي جي وقت نيب آفيس تي پٿراءَ ۽ جهيڙي واري ڪيس ۾ گرفتار مسلم ليگ ن جي سمورين ڪارڪنن جون ضمانتون منظور ڪندي انهن جي آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جوڊيشل مجسٽريٽ حافظ نفيس جوابدارن طرفان ضمانت جي لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ضمانت واري درخواست گذريل ڏينهن داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته جوابدارن کي ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعي سان جوابدارن جو ڪو به تعلق ناهي، ڪارڪنن کي پوليس تشدد جو نشانو بڻايو، گرفتار ڪارڪنن کي ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي.

عدالت 50-50 هزار رپين جي مچلڪن جي عيوض مسلم ليگ ن جي گرفتار 58 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي.

جوابدارن طرفان وڪيل فرهاد علي شاهه پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کي سياسي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، جوابدارن تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ڪوڙي ۽ بي بنياد آهي.

وڪيل جو چوڻ هو ته جوابدارن کان ڪنهن قسم جي ريڪوري ناهي ٿيڻي ان ڪري جوابدارن کي جيل ۾ قيد رکڻ جو ڪو به جواز ناهي.

وڪيل عدالت کان اپيل ڪئي ته جوابدارن جون ضمانتون منظور ڪري آزادي جو حڪم ڏنو وڃي، جوابدار ضمانت مچلڪا جمع ڪرائڻ لاءِ تيار آهن.

ٻئي پاسي سرڪاري وڪيل جوابدارن جي ڪيس جو ريڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو.

سرڪاري وڪيل مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن جي ضمانت جي مخافلت ڪندي موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کي واقعي واري هنڌان گرفتار ڪيو ويو آهي.

سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته جوابدارن سرڪار جي ڪم ۾ مداخلت ڪئي ۽ نيب آفيس جي ٻاهران ڀڃ ڊاهه ڪئي ان ڪري عدالت سمورن جوابدارن جون ضمانتون رد ڪري.

پر عدالت پراسيڪيوشن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ 50-50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض جوابدارن جون ضمانتون منظور ڪندي آزادي جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

The post نيب جي آفيسر ٻاهران ڀڄ ڊاهه، ن ليگي ڪارڪنن جون ضمانتون منظور appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages