

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته ڀارت خطي کي عدم استحڪام ڏانهن ڌڪي رهيو آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آبادي جي شرح کي تبديل ڪيو پيو وڃي،
والاريل ڪشمير ۾ پرڏيهي مبصرن کي وڃڻ جي اجازت ناهي، پاڪستان عالمي مبصرن کي ايل او سي تي وڃڻ جي اجازت ڏني.
هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون پيون وڃن، حڪومت هر فورم تي ڪشمير جي صورتحال کي اجاڳر ڪيو، ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم تي دنيا ۾ آواز اٿي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت دنيا ۾ هٿيار خريد ڪندڙ ملڪن جي فهرست ۾ سڀني کان اڳتي آهي، ڀارت پاڪستان اندر دهشتگردي ۾ ملوث آهي.
The post ڀارت پاڪستان اندر دهشتگردي ۾ ملوث آهي: پاڪ فوج جو ترجمان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment