

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته هن کي ڪراچي جي عوام جي ڏکيائين جو احساس آهي جن کي هو اڪيلو نه ڇڏينداسين.
وزير اعظم عمران خان سان قانون واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فروغ نسيم ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ملاقات ڪئي جنهن ۾ مينهن کان پوءِ سنڌ صوبي جي صورتحال ۽ خاص ڪري ڪراچي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي وزير اعظم عمران خان چيو ته ڪراچي جي عوام جي ڏکيائين جو مڪمل احساس آهي ۽ ڪراچي کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.
واضح رهي ته چوماسي جي تازي مينهن ۾ ڪراچي ۾ مينهن جي پاڻي جي نيڪالي جا مناسب بندوبست نه هئڻ جي ڪري ٻوڏ واري صورتحال رهي جڏهن ته صوبائي ۽ شهري حڪومت بلدياتي مسئلن جي حل ۾ ناڪام نظر آئي.
The post ڪراچي جي عوام جي ڏکيائين جو احساس آهي، اڪيلو نه ڇڏينداسين: وزير اعظم appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment