

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ٻاهرين ملڪ 4 نوان معاشي وزير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد پرڏيهي سيڙپڪاري پاڪستان آڻڻ آهي.
ذريعن موجب معاشي وزير لنڊن، واشنگٽن، بيجنگ ۽ ٽوڪيو ۾ مقرر ڪيا ويندا، انهن جي مقرري لاءِ سينيئر بيورو ڪريٽس جي چونڊ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان ڏس ۾ مختلف عهدن تي مقرر گريڊ 20 ۽ 21 جي موزون اميدوارن جون نامزدگيون فوري طور طلب ڪيون ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزارتن، ڊويزنز ۽ صوبائي حڪومتن مان ماهر آفيسرن جا نالا گهريا ويا آهن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان حڪومتن کان به موزون آفيسرن جا نالا گهريا ويا آهن.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت خط موڪليو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته موزون اميدوارن جون نامزدگيون 30 نومبر تائين فراهم ڪيون وڃن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اميدوارن جي چونڊ مسابقتي عمل سان ٿيندي، آءِ بي اي ڪراچي تحريري ٽيسٽ وٺندي، تحريري امتحان ۾ ڪامياب اميدوارن جو وفاقي حڪومت جي ڪميٽي انٽرويو ڪندي.
The post وفاقي حڪومت جو ٻاهرين ملڪ 4 نوان معاشي وزير مقرر ڪرڻ جو فيصلو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment