

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين سان گڏجي ڪورونا ويڪسين تيار ڪري رهيا آهيون، جيڪا ٽرائل جي ٽئين مرحلي ۾ آهي.
شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهه ڪائونسل جي اجلاس ۾ ويڊيو ڪانفرنس ذريعي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته تنظيم جي يڪجهتي ۽ سهڪار ڏکئي وقت مان گذرڻ لاءِ وڏو فائديمند ثابت ٿيندو، شنگهائي سهڪار تنظيم ٻن ڏهاڪن ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن.
هن چيو ته ڪورونا وائرس سان سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي، پاڪستان سمارٽ لاڪ ڊائون سان غريبن کي بُک کان بچايو، ڪورونا دوران ترقي يافته ملڪن کي ترقي پذير ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي.
وزيراعظم ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل عالمي ڪوششن تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين گڏجي ويڪسين تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ان ويڪسين جي مناسب قيمت ۽ سڀني ملڪن ۾ فراهمي يقيني بڻائينداسين.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته گڏيل ذميواري تحت پاڪستان افغان عوام طرفان افغانستان ۾ امن عمل جي حمايت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ دوحا امن معاهدو عمل ۾ آيو، اسان کي اندروني ۽ ٻاهرين سطح تي امن خراب ڪندڙن کان به خبردار رهڻ جي ضرورت آهي، جيڪي افغانستان ۾ امن جي واپسي ۽ استحڪام نٿا چاهين.
The post چين سان گڏجي ڪورونا ويڪسين تيار ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment