

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جو ڀارتي قدم رد ڪري ڇڏيو.
ڀارتي حڪومت طرفان صدارتي حڪم نامي ذريعي والاريل ڪشمير جي خاص اختيارن بابت آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا، جنهن تحت والاريل ڪشمير هاڻ رياست نه چورائبي ۽ لداخ به ڀارتي يونين جو حصو هوندو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته والاريل ڪشمير بابت ڀارت جي صدارتي آرڊيننس جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا، ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي، جنهن کي عالمي سطح تي به تسليم ڪيو ويندو آهي.
پڌرائيءَ موجب ڀارت جي هڪ طرفن فيصلن سان ڪشمير جي حيثيت تبديل نٿي ڪري سگهجي، ڀارت جا اهڙا قدم ڪشميرين لاءِ قبول ڪرڻ جوڳا نه هوندا.
پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان ڀارت جي ان غير قانوني قدم خلاف سمورا آپشن استعمال ڪندو ۽ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
The post پاڪستان والاريل ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪرڻ جو ڀارتي قدم رد ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment