پرڏيهي وزير جو ” او آءِ سي“ جي  سيڪريٽري جنرل سان رابطو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, August 4, 2019

demo-image

پرڏيهي وزير جو ” او آءِ سي“ جي  سيڪريٽري جنرل سان رابطو

Foreign-Minister-Shah-Mehmo
Foreign-Minister-Shah-Mehmo

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف احمد العثمين سان فون تي رابطو ڪيو آهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلام سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف احمد العثمين سان فون تي رابطو ڪيو ۽ هن سان والاريل ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي جارحيت ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت طرفان معصوم ڪشميرين تي سفاڪانه طاقت جو استعمال مذمت جوڳو آهي، هندو ياترين ۽ پرڏيهين کي ڪشمير مان ڪڍڻ جو حڪم ڳڻتي ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهياآهي.

اهڙين حالتن ۾ او آءِ سي فوري طور تي ان صورتحال جو نوٽيس وٺي.

سيڪريٽري جنرل او آءِ سي پرڏيهي وزير کي صورتحال جو نوٽيس وٺڻ ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.

The post پرڏيهي وزير جو ” او آءِ سي“ جي  سيڪريٽري جنرل سان رابطو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages