پاڪستاني شوبز ستارا به ميدان تي اچي ويا….! - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, August 5, 2019

demo-image

پاڪستاني شوبز ستارا به ميدان تي اچي ويا….!

Mawra-Hamza-Mahira
Mawra-Hamza-Mahira

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ان کي ٻن حضن ۾ ورهائڻ جي خلاف جتي پاڪستاني سياستدانن سخت احتجاج ڪيو اُتي ئي پاڪستاني شوبز جي شخصيتن به ڀارتي فيصلي تي سخت احتجاج ڪندي ان کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو.

سياسي قيادت کان پوءِ هاڻ پاڪستان جي شوبز شخصيتن به والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪرڻ جي خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ ان عمل کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.

پاڪستاني شوبز شخصيتن سوشل ميڊيا تي اداڪار حمزه علي عباسي جي درخواست کان پوءِ اسٽينڊ ود ڪشمير جو هيش ٽيگ استعمال ڪندي ڀارتي فيصلي جي سخت مذمت ڪئي.

حمزه علي عباسي پنهنجي سلسليوار ٽوئيٽس جي ذريعي شوبز شخصيتن کي ڀارتي فصلي جي خلاف احتجاج ڪرڻ ۽ ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا تي ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي.

حمزه علي عباسي جي درخواست کان پوءِ ماهره خان، شان شاهد، حريم فاروق، ماوره حسين، مهوش حيات، ارمينا خان ۽ فيروز خان سميت ڪيترين ئي شوبز شخصيتن پنهنجي ٽوئيٽس جي ذريعي ڀارتي فيصلي کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو.

حمزه علي عباسي کان پوءِ اداڪار شان شاهد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي گنگا ۾ اشنان ڪرڻ جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته گنگا ۾ اشنان ڪرڻ سان ڪشميرين شهيدن جو رت نه ڌوپجندو.

اداڪارا ماوره حسين ڀارتي حڪومت جي فيصلي تي سخت احتجاج ڪندي سوال ڪيو ته ڇا گڏيل قومن جي ماتحت ادارا ڪاٿي آهن؟

هن چيو ته اسان جن ڪتابن ۾ انساني حقن  جي معيار مقرر يا لکي رهيا آهيون، اُهي حقيقت ۾ ڪٿي آهي؟ اداڪارا ماهرا خان به ڀارتي حڪومت جي فيصلي تي سخت احتجاج ڪيو ۽ ان کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو.

اداڪارا مهوش حيات جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي دنيا کي جاڳڻو پوندو ۽ هن ڀارت طرفان ڪلسٽر بمن کي جنيوا ڪنونشن جي ڀڃڪڙي به قرار ڏنو.

ان کان سواءِ به ٻين شوبز شخصيتن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ وادي جي خاص حيثيت کي ختم ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪيو.

The post پاڪستاني شوبز ستارا به ميدان تي اچي ويا….! appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages