سپريم ڪورٽ اورنج لائن منصوبو مڪمل ڪرڻ لاءِ وقت ڏئي ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, August 5, 2019

demo-image

سپريم ڪورٽ اورنج لائن منصوبو مڪمل ڪرڻ لاءِ وقت ڏئي ڇڏيو

Supreme-Court-of-pakistan
Supreme-Court-of-pakistan

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اورنج لائن ٽرين منصوبو جنوري 2020 تائين مڪمل ڪرڻ جو وقت ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ اورنج لائن ميٽرو ٽرين منصوبي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي پنجاب جو ٽرانسپورٽ سيڪريٽري پيش ٿيو.

عدالت منصوبي ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس عظمت سعيد پڇاڻو ڪيو ته اهو پراجيڪٽ ڪڏهن مڪمل ٿيندو؟ اڃا تائين منصوبو مڪمل ناهي ٿيو، ڪيترا پئسا خرچ ٿي چڪا آهن؟

ٽرانسپورٽ سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته پراجيڪٽ تي 169 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، ان تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته منصوبي ۾ دير سان لاڳت به وڌي رهي آهي، ڇا واڌو لاڳت توهان ادا ڪندا؟ سپريم ڪورٽ هر حال ۾ منصوبو مڪمل ڪرائيندي.

ان موقعي تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته منصوبو گذريل حڪومت شروع ڪيو هو، جيڪو آڪٽوبر 2018 ۾ مڪمل ٿيڻو هو.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سبطين فضل حليم کان ڪم جاري رکرائڻ يا ان جو متبادل آڻڻ لاءِ چيو هو، سبطين فضل حليم شروع کان منصوبي کي ڏسي رهيو آهي، سبطين صاحب ڪيستائين ٽرين هلندي؟ نومبر تائين ٽرين هلائڻ جو ٻڌايو ويو هو.

عدالت جي پڇاڻي تي سبطين فضل حليم ميٽرو ٽرين منصوبو مڪمل ڪرڻ لاءِ جنوري 2020 تائين وقت گهريو.

سپريم ڪورٽ ميٽرو ٽرين منصوبو پورو ڪرڻ لاءِ جنوري 2020 تائين وقت ڏنو ۽ منصوبي جي نگراني به عدالت ڪندي.

پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي گرميءَ جي موڪلن کانپوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

The post سپريم ڪورٽ اورنج لائن منصوبو مڪمل ڪرڻ لاءِ وقت ڏئي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages