

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد کي ڪپتاني تان هٽائڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو.
سريلنڪا جي ناتجربي ڪار ٽيم هٿان 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش کانپوءِ پاڪستاني ٽيم تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، شوقينن ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شڪستن جي هيٽ ٽرڪ ڪپتان سرفراز احمد تي پڻ تنقيد جا تير وسائي رهيا آهن، جڏهن ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد کي ڪپتاني تان هٽائڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي.
ن ليگ ميمبر ملڪ ظهير اقبال طرفان جمع ڪرايل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ۾ نمبر ون ٽيم اٺين نمبر جي ٽيم کان هارائي وئي.
هي به پڙهي سگهو ٿا: سريلنڪا ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان کي ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو
پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل ٺهراءَ ۾ سريلنڪن ٽيم کان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ وائيٽ واش جي جاچ جو مطالبو به ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم گذريل ڏينهن آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 13 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ورتو هو.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون هيون.
مهمان ٽيم طرفان اوشاڊا فرنينڊو بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 48 بالن تي 78 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ موٽيو، سندس اننگز ۾ 3 ڇڪا ۽ 8 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته ٻين سريلنڪن رانديگرن ۾ انجيلو پريرا 13، سمارا وڪراما ۽ ڪپتان ڊانس شناڪا 12-12 رنسن سان اڳڀرا رهيا هئا.
جواب ۾ پاڪستاني ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ٺاهي سگهي هئي.
سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 64 ۽ ٻي ميچ ۾ 35 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
قومي ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد سريلنڪا خلاف ون ڊي توڙي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو، جنهن سبب شوقين نه رڳو کانئس ڪپتاني واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن پر سرفراز جي ٽيم ۾ شموليت تي پڻ سوال اٿاري رهيا آهن.
@OfficialSLC celebrate after winning #PAKvSL T20I series in Lahore pic.twitter.com/OUFOj0bj9K
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) October 10, 2019
The post سرفراز کي ڪپتاني تان هٽائڻ لاءِ اسيمبلي ميمبرن به آواز اٿاري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment