ساک کي نقصان پهچائڻ وارو ڪيس: ميشا شفيع جا شاهد هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت ۾ پيش نه ٿيا - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, October 10, 2019

demo-image

ساک کي نقصان پهچائڻ وارو ڪيس: ميشا شفيع جا شاهد هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت ۾ پيش نه ٿيا

meesha-shafi-and-ali-zafar-
meesha-shafi-and-ali-zafar-

لاهور (ويب ڊيسڪ) گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر طرفان گلوڪارا ميشا شفيع خلاف داخل ڪيل هڪ ارب رپين جي ڏنڊ جي ڪيس ۾  گلوڪارا ۽ هن جا شاهد ٻيون ڀيرو به عدالت ۾ پيش نه ٿي سگھيا.

ان کان اڳ لاهور جي سيشن ڪورٽ ميشا شفيع ۽ سندس شاهدن کي بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ کين هلندڙ مهيني 7 آڪٽوبر تي طلب ڪيو هو، پر گلوڪارا ۽ سندس شاهد پيش نه ٿي سگھيا.

ميشا شفيع ۽ سندس شاهدن طرفان پيش نه ٿيڻ تي عدالت کين 10 آڪٽوبر تي طلب ڪيو هو پر گلوڪارا ۽ هن جا شاهد هڪ ڀيرو وري عدالت ۾ پيش نه ٿيا.

هي به پڙهي سگھو ٿا: علي ظفر کان آڏي پڇا مڪمل، ميشا شفيع جا شاهد طلب

علي ظفر جي هڪ ارب رپين جي ڏنڊ جي درخواست تي هلندڙ ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج امجد علي شاهه ڪئي، ٻڌڻي دوران ميشا شفيع جي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته گلوڪارا ڪئنيڊا ۾ آهي، ان ڪري پيش ناهي ٿي سگھي، ميشا جلد عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي.

ميشا جي وڪيلن عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته گلوڪارا جي والده ۽ ٻيا شاهد به شهر کان ٻاهر يعني ڪراچي ۾ آهن، ان ڪري اهي به اڄ پيش ناهن ٿي سگھيا.

هي به پڙهي سگھو ٿا:  علي ظفر، ميشا شفيع پاران شيئر ڪيل تصويرون ۽ پيغام عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا

ميشا جي وڪيلن طرفان عدالت کي آگاهي کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي ميشا شفيع ۽ سندس شاهدن کي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي.

ٻڌڻي دوران علي ظفر جي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته ميشا شفيع هاڻ عدالتي ڪارروائي کي ڄاڻي واڻي دير جو شڪار بڻائي رهي آهي ۽ عدالت گلوڪارا کي هڪ ارب رپين جي ڏنڊ جي حڪم ڏئي.


 

The post ساک کي نقصان پهچائڻ وارو ڪيس: ميشا شفيع جا شاهد هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت ۾ پيش نه ٿيا appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages