

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) 27 آڪٽوبر تي اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ ڊي چوڪ تي آزادي مارچ لاءِ ضلعي انتظاميا کي باضابطا طور درخواست ڏئي ڇڏي.
جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري پنهنجي وڪيل ڪامران مرتضيٰ ذريعي چيف ڪمشنر اسلام آباد کي درخواست جمع ڪرائي، جنهن ۾ مارچ لاءِ اجازت سان گڏوگڏ شرڪت ڪندڙن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو به چيو ويو.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته موجوده حڪومت خلاف آئين جي آرٽيڪل 16 ۽ 17 تحت آئيني ۽ جمهوري حق استعمال ڪندي جي يو آءِ (ف) 27 آڪٽوبر تي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي آزادي مارچ ڪندي.
هي به پڙهي سگهو ٿا: آزادي مارچ: فضل الرحمان خلاف وٺ پڪڙ..!
واضح رهي ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪجهه ڏينهن اڳ اعلان ڪندي چيو هو ته حڪومت مخالف ”آزادي مارچ“ 27 آڪٽوبر کان شروع ڪنداسين.
مولانا فضل الرحمان پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو هو ته سموريون اپوزيشن جماعتون ان ڳالهه تي متفق آهن ته موجوده حڪومت جعلي اليڪشن جي نتيجن جي جعلي حڪومت آهي ۽ سڀني 25 جولاءِ 2018 جي چونڊن کي رد ڪندي نئين سر شفاف چونڊن جو مطالبو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جي معيشت ٻڏي وئي آهي، مهانگائي عام ماڻهو جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪاروباري طبقي ڳرن ٽيڪسن سبب پنهنجا ڪاروبار بند ڪري ڇڏيا آهن، 27 آڪٽوبر تي اسان ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين ۽ يڪجهتي جي مظاهري سان گڏ اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪنداسين، جنهن ۾ سڄي ملڪ کان ايندڙ قافلا هلندا ۽ اسلام آباد پهچي حڪومت کي گهر موڪليندا.
هوڏانهن ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي گذريل ڏينهن قانوني نوٽيس موڪليو هو.
علي امين گنڊاپور مولانا فضل الرحمان خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪندي چيو هو ته جي يو آءِ سربراهه چونڊون هارائڻ تي ملڪ ۾ گمراهه ڪندڙ تقريرن ۽ بيانن سان مودي جي ايجنڊا کي هٿي ڏئي رهيو آهي، تنهن ڪري کيس 15 ڏينهن جو نوٽيس ڏئي رهيو آهيان، جواب نه آيو ته قانوني ڪارروائي ڪندس.
کارکن پرامن انداز میں 27 اکتوبر کو اسلام آباد کا رخ کریں
آزادی مارچ کے حتمی انتظامات کو مکمل کرنے کی ہدایات#AzadiMarch27October pic.twitter.com/Vgqd6i3jGl— Jamiat Ulama-e-Islam Pakistan (@juipakofficial) October 9, 2019
The post آزادي مارچ جي اجازت ڏيو: جي يو آءِ (ف) جي اسلام آباد انتظاميا کي درخواست appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment