

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي مقرري ۽ نيب جون ڪارروائيون ڪالعدم قرار ڏيڻ جي لاءِ داخل درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بينچ جوڙي وئي.
خيال رهي ته ايڊووڪيٽ اي ڪي ڊوگر لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نيب چيئرمين جي مقرري جي خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.
درخواست ۾ هن نيب جي ڪارروائين کي به چيلينج ڪيو هو ۽ چيو هو ته نيب آرڊيننس ۽ چيئرمين نيب جي مقرري آئين ۽ قانون جي موجب ناهي.
درخواستگذار جو وڌيڪ چوڻ هو ته نيب آرڊيننس ان ڳالهه کي ڏٺو ويو آهي ته ملڪ جو صدر نيب جي چيئرمين کي قومي اسيمبلي قائد ايوان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي ڳالهين سان مقرري ڪندو پر اِهو ناهي لکيو ويو ته بيورو کي جوڙيو ڪيئن ويندو.
اي ڪي ڊوگر ايڊووڪيت عدالت کان اپيل ڪئي هئي ته موجوده قومي احتساب بيورو جي جڙڻ ۽ ان جي ڪارروائين کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
هي به پڙهي سگهو ٿا:نيب چيئرمين جاويد اقبال جو ڀاءُ جيل مان آزاد…..!
درخواستگذار اِهو به چيو هو ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي سزا به نيب قانون جي تحت ٿي نواز شريف جي سزا ختم ڪري سندس آزادي جو حڪم ڏنو وڃي.
جنهن تي جسٽس قاسم خان فيصلو ڏنو هو ته نواز شريف جون اپيلون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن ان ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي حد تائين ان درخواست کي رد ڪري سگهي ٿي.
هن اِهو به چيو هو ته نيب چيئرمين جي مقرري ۽ نيب ڪارروائين جي خلاف درخواست جو معاملو اهم نوعيت جو آهي ان ڪري ان تي فل بينچ جوڙڻ جي سفارش ڪئي وڃي ٿي.
اي ڪي ڊوگر ڄاڻايل درخواست مارچ 2019ع جي آخر ۾ داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ نيب کي ڌر بڻايو ويو هو.
بعد ۾ 18 سيپٽمبر تي ان اپيل تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس قاسم علي خان فل بينچ بڻائڻ جي سفارش ڪئي هئي.
اڄ (خميس ڏينهن) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار شميم خان ان اهم معاملي جي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ جوڙي ڇڏي هئي.
ڄاڻايل فل بينچ جسٽس قاسم خان، جسٽس ملڪ شهزاد ۽ جسٽس اسجد جاويد گهرال تي ٻڌل آهي جيڪي نيب چيئرمين جي مقرري ۽ نيب جي ڪارروائين جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪندا.
https://t.co/RDSMNqk7Bm https://t.co/RDSMNqk7Bm
— Lahore High Court Bar Association Lahore (@lhcbar) April 19, 2019
The post نيب چيئرمين جي مقرري خلاف درخواست جي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ قائم…..! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment