

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) لائين آف ڪنٽرول جي مختلف سيڪٽرن تي ڀارت جي بنا جواز فائرنگ ۽ گولا باري جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو جوان شهيد جڏهن ته ٻه عورتون سخت زخمي ٿي پيون آهن.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ڀارتي فوج سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪندي بروهه ۽ چري ڪوٽ سيڪٽرن ۾ آرمي جي چيڪ پوسٽن ۽ شهري آبادي تي بنا جواز فائرنگ، مارٽر گولا ۽ راڪيٽ فائر ڪيا.
هي به پڙهي سگھو ٿا: جرمني ۾ فائرنگ، ٻه ڄڻا مارجي ويا
پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ ڀرپور ڪارروائي ڪندي فائرنگ ڪندڙ ڀارتي چيڪ پوسٽن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو جنهن سان ڀارتي چوڪين کي ڳرو نقصان پهتو.
پر فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سپاهي نعمت ولي شهيد جڏهن ته ايل او سي جي سريان ڳوٺ جون ٻه عورتون زخمي ٿي ويون آهن.
هي به پڙهي سگھو ٿا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو پاڪستان کي 2.7 ارب ڊالر قرض ڏيڻ جو اعلان
واضح رهي ته 7 آڪٽوبر تي لائين (ايل او سي) تي ڀارتي فوج طرفان ڪيل فائرنگ جي نتيجي ۾ آزاد ڄمون ڪشمير جو رهواسي عورت مارجي وئي هئي.
ان کان اڳ 3 آڪٽوبر تي آزاد ڪشمير جي مختلف سيڪٽرن تي ڀارتي فوج جي شيلنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت مارجي ۽ 3 شهري زخمي ٿي ويا هئا.
گذريل مهيني ڀارتي فوج طرفان حاجي پير سيڪٽر ۾ بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو سپاهي شهيد ٿي ويو هو.
Breaking:#IndianArmy also launch ceasefire violation in areas of #NizaPir, #Degwar, #Cherikot, #Rukh_Chakri and #Seehrian in #LOC.
Urban area severely affected by shelling.#PakistanArmy continue firing on Indian posts effectively. pic.twitter.com/2M96jS6vii
— Kamsin Sallar (کمسن سالار) (@KamsinSallar) October 9, 2019
The post ايل او سي تي ڀارت جي بنا جواز فائرنگ، هڪ جوان شهيد appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment