

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ميڊيا حڪومت تي مثبت تنقيد ۽ بهتر تجويزون ڏيڻ جو حق رکي ٿي پر گڏوگڏ ئي ميڊيا کي خيال رکڻو پوندو ته ڪٿي هن جي تنقيد قومي مفاد سان تڪراري ته ناهي؟
اسلام آباد ۾ 21 هين صدي ۽ سافٽ ميڊيا پاور بابت قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪومت تي تنقيد مثبت رويو آهي پر ان جي آڙ ۾ قومي مفاد کي ڌڪ نه رسايو وڃي.
هن چيو ته ميڊيا جي ڪردار کي هڪ ذميواراڻي فرض ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان ۾ 70 کان وڌيڪ چينلن تي ناڪاري خبرون ۽ تبصرا جاري رکندا ته پرڏيهه ۾ ويٺل پاڪستانين جي لاءِ مايوسي وڌندي ۽ ملڪي معيشت تي به ناڪاري اثر مرتب ٿيندا.
هي به پڙهي سگهو ٿا:عمران خان عام ماڻهو جو ساٿي آهي: فردوس عاشق اعواڻ
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڄاڻي واڻي قانون کي يرغمال بڻايو ويو ۽ آئين جي مرضي جي تبديلي لا کي ڪمزور ڪيو ويو، هاڻ ملڪ ۾ ادارا ماڻهن جي ماتحت نه پر ماڻهو ادارن جي ماتحت ۽ تابي هوندا.
وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار چيو ته حڪومت ميڊيا کي رياست جو چوٿون ٿنڀو تصور ڪندي آهي ڇو ته ميڊيا نظرياتي سرڊن جي امين جو ڪردار ادا ڪندو آهي.
ان کان سواءِ سندس چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪيل تقرير دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزير اعظم عمران خان اسلام جو حقيقي چهرو دنيا جي سامهون پيش ڪيو.
هن چيو ته هاڻ دنيا کي پيغام ڏيڻو آهي ته پاڪستان ۾ ادارا آزاد ۽ بااختيار آهن.
وزیراعظم عمران خان کشمیریوں کے سفیر ہیں،ہر محاذ پر ان کے جائز، جمہوری، قانونی حق کے لیے ڈٹ کر کھڑے ہیں۔ تمام طبقات سے تعلق رکھنے والے افراد اس میں شرکت کریں گے۔
— Firdous Ashiq Awan (@Dr_FirdousPTI) October 10, 2019
The post ڪٿي ميڊيا جي تنقيد قومي مفاد سان تڪراري ته ناهي…..؟ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment